ڪرسٽ چرچ(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٽه ملڪي سيريز جي فائينل ۾ ميزبان نيوزيلينڊ کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽائٽل کٽڻ ۾ ڪامياب، ان سلسلي ۾ ٽه ملڪي سيريز جي فائينل ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان بابراعظم ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، نيوزيلينڊ مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 163 رنز ٺاهيون. ڪپتان ڪين وليمسن 59 رنز جي اننگ کيڏي نمايان رهيو. گلين فلپس 29 ۽ مارڪ چيپمين 25 رنز ٺاهيون. نسيم شاهه ۽ حارث رئوف 2-2، شاداب خان ۽ محمد نواز هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. پاڪستان 19.3 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي هدف پورو ڪري ورتو. محمد رضوان 29 بالن تي 34 ۽ حيدر علي 15 بالن تي 31 رنز ۽ بابراعظم 15 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. محمد نواز 22 بالن تي 38 ۽ افتخار احمد 14 بالن تي 25 رنز جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. نيوزيلينڊ طرفان مچل بريسويل 2، ٽم سائوڌي، بلير ٽڪنر ۽ اش سوڌي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. محمد نواز 22 بالن تي 38 رنز ٺاهڻ ۽ هڪ وڪيٽ وٺڻ تي پليئر آف دي ميچ ۽ مچل بريس ويل پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.