پاڪستان هڪ ئي وقت دهشتگردي ۽ معاشي دهشتگردي جو شڪار ڇو آهي؟

0
128
پاڪستان هڪ ئي وقت دهشتگردي ۽ معاشي دهشتگردي جو شڪار ڇو آهي؟

 گذريل 75 سالن جي تاريخ ۾ عام طرح پاڪستان سدائين هڪ گهڻ رخي بحران ۾ رهيو آهي، پر خاص طور تي دهشتگردي ۽ معاشي دهشتگردي ان جو اٽوٽ حصو رهيا آهن. اهڙي قسم جي دهشتگردي جو سڀ کان وڏو نقصان 23 ڪروڙ عوام ۽ ملڪ کي ٿيو آهي، جڏهن ته ان  جو سڀ کان وڏو فائدو صرف ئي صرف هڪڙي اشرافيه طبقي کي ٿيو آهي. جيڪو هڪڙي پاسي حڪومت ۾ اچي مال ميڙي ٿو ته وري ٻئي پاسي عسڪري ۽ سول آفيسر شاهي ۾ نسل در نسل رهي ڪري ملڪي خزاني تي اکيون پوري ۽ ضمير وڪڻي جيڪي ڌاڙا هنيا آهن، تنهن جو ڪٿي مثال نٿو ملي ۽ ان سان گڏ هر سال پاڪستان ۾ ڪيترا دهشتگردي جا واقعا ٿين ٿا، تازو هڪ اهڙو واقعو 31 جنوري تي پشاور ۾ محفوظ علائقو سمجهيو ويندڙ پوليس لائين ۾ هڪ مسجد ۾ نماز وقت خودڪش حملو ٿيو، جنهن ۾ تقريبن 100 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي ويا ۽ 200 کن سخت زخمي پڻ ٿيا.

                 هڪڙي پاسي ملڪ ۾ اهڙي قسم جي دهشتگردي جا واقعا معمول جو حصو بڻجي ويا آهن ته وري ٻئي پاسي اسان جا رياستي ادارا ۽ انهن جا مختلف وقتن تي رهندڙ سربراهه وڏي فخر سان دعويٰ ڪندا رهيا آهن ته انهن سويت يونين يعني روس کي افغانستان مان ڪڍڻ ۾ اهم ۽ هڪ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو ۽ ان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو. يعني آمريڪي سامراج جو ساٿ ڏئي هڪ سوشلسٽ ملڪ کي ختم ڪرڻ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو ويو. سريلنڪا مان تامل باغين جو خاتمو به هي اسان وارا صاحب پنهنجي کاتي ۾ وڏي فخر سان ڳڻائيندا آهن. وچ اوڀر ۾ سعودي عرب ۽ آمريڪا جي مفادن کي تحفظ بخشيندي اتي جيڪا انهن جي خلاف بغاوت يا ڪا تحريڪ هلي تنهن کي ختم ڪرڻ ۾ به اسان جو وڏو ۽ تاريخي ڪردار رهيو آهي. پوءِ سوال آهي ته پنهنجي ملڪ اندر دهشتگردي جو خاتمو ڇو نه آڻي سگهيا آهيون؟ گذريل 21 سالن ۾ 124 ارب ڊالرز خرچ ڪرڻ، 80 هزار عام شهرين جو قتل ۽ 5 هزار کان وڏي سيڪيورٽي اهلڪارن جي قربانين کانپوءِ به ملڪ جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڍ ۾ اوچتو خودڪش حملو يا حملي آور داخل ٿي سوين هزارين عام شهرين کي آساني سان قتل ڪري نڪري ويندا آهن. اهي آرام سان پنهنجيون ڪارروايون ڪري گم ٿي ويندا آهن، ۽ هيڏانهن عوام کي صرف اهو بيان پڙهڻ لاءِ ملندو آهي ته دهشتگردن کي منطقي انجام تي پهچائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي ويندي پر عملي طور ٿيندو ڪجهه به ناهي. هڪڙي پاسي اهي دهشتگرد ڏينهون ڏينهن وڌيڪ حملا ڪندا پيا اچن جنهن مان واضح ٿي رهيو آهي ته اهي ڪيڏا منظم ۽ هوشيار آهن ۽ انهن وٽ جديد قسم جا هٿيار آهن، جڏهن ته ٻئي پاسي اسان جون خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ عوام دوست ترقي پسند ۽ قومپرست سياسي پارٽيون جيڪي پرامن احتجاج ڪن ٿيون ۽ پنهنجا آئيني ۽ قانوني حق گهرن ٿيون، تن مٿان بندوقون هلائي، انهن کي قتل ڪري، انهن کي سالن جا سال جيلن ۾ قيد ڪري، اهو پيغام ڏنو وڃي ٿو ته اهي پاڪستان جا دشمن آهن. جڏهن ته ٻئي پاسي ڪراچي کان ويندي ڪي پي تائين جيڪي دهشتگرد ويٺا آهن اهي الائي ڇو ختم نه ٿي سگهيا آهن؟ ڇا هي رياست واقعي انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ سنجيده آهي يا اهي به اربين ڊالرز جي آمدني جو ذريعو آهن، تنهن ڪري انهن کي هر حال ۾ زنده ۽ سرگرم رکبو. ڇو ته اهي صرف ئي عوام جا قاتل آهن ۽ هتي ڪروڙين عوام آهي، اهو ڀلي پيو قتل ٿئي. باقي اعليٰ آفيسر طبقو ۽ ٻيو اشرافيه طبقو تنهن کي انهن دهشتگردن مان ڪهڙو خطرو آهي؟ انهن وٽ ته زبردست قسم جي سيڪيورٽي آهي، بلٽ پروف گاڏيون آهن ۽ دهشتگردي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪروڙين اربين ڊالرز آهن، جنهن جي ڪا به پڇا ڳاڇا ناهي، ڪٿي خرچ ٿيا؟ ڪهڙي طرح خرچ ٿيا؟ ڪو به حساب ڪتاب ڪونهي. گذريل پندرنهن ويهن سالن کان نيشنل فنانس ايوارڊ تحت ڪي پي صوبي کي 1 سيڪڙو رقم صرف ئي صرف دهشتگردي کي ختم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڏني پئي وڃي پر اها ختم ٿيڻ جي بجاءُ ڏينهون ڏينهن ان ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي، پوءِ سوال آهي ته اهي پيسا ڪٿي خرچ ڪيا پيا وڃن؟

آگسٽ 2021ع ۾ جڏهن افغانستان ۾ طالبان قابض ٿي ويا، تڏهن پاڪستان انهن طالبان لاءِ پنهنجي ملڪ جي سرحد کولي ڇڏي ۽ اعلان ڪيو ويو ته هاڻي افغانستان ۾ اسان جي دوستن جي حڪومت اچي وئي آهي ۽ ان مان اسان کي ڪو به خطرو ڪونهي ۽ اهڙي طرح هزارين طالبان پاڪستان ۾ آساني سان داخل ٿي ويا. جڏهن ته ٻئي پاسي عالمي ادارا ۽ ايجنسيون بار بار اهي خبرون نشر ڪري رهيا هئا ته آمريڪا هڪ وڏي تعداد ۾ افغانستان ۾ هٿيار ڇڏي آيو آهي. جنهن جي ڪري ان خطي ۾ هٿيارن جي اسمگلنگ سان گڏ دهشتگردي کي پڻ هٿي ملندي. سيپٽمبر 2021ع يعني آمريڪا جي افغانستان مان نڪرڻ جي ويهن ڏينهن کانپوءِ هڪ آمريڪي اداري“اسپيشل انسپيڪٽر جنرل فار افغانستان ريڪنسٽرڪشن” پنهنجي رپورٽ ۾ انگن اکرن سان ٻڌايو ته افغان هوائي فوج وٽ جون 2021ع جي آخر تائين 167 حملي آور هيلي ڪاپٽر ۽ ٻيا جنگي جهاز هئا. جنهن ۾ اي سي جنگي جهاز 33، ايم ڊي هيلي ڪاپٽر 43، اي 29 جنگي طيارا 23، يو ايج 60 بليڪ هاڪ هيلي ڪاپٽر 33، سي 130 هر ڪوليس 3 ۽ ايم آءِ 17 هيلي ڪاپٽر 32. اهو تعداد صرف جنگي جهازن جو آهي، جڏهن ته مختلف خطرناڪ هٿيارن جا انگ اکر ان کان الڳ آهن. انهن انگن اکرن مطابق 2003ع کان وٺي 2016ع تائين آمريڪا افغانستان ۾ جيڪو جنگي سامان موڪليو هو تنهن ۾ 3 لک، 58 هزار 530 رائيفلون، 64 هزار گن مشينون، 25 هزار 327 گرينيڊ لانچر، 22 هزار 174 اهڙيون گاڏيون جيڪي هر قسم جي ڏکئي ۽ انتهائي خطرناڪ روڊ تي به سولائي سان هلي سگهن ٿيون. ساڳئي رپورٽ ۾ 2017ع کان وٺي 2021ع تائين هٿيارن سان گڏ ٻئي جنگي سامان جو پڻ تفصيل ڏنو ويو هو. جنهن مطابق گذريل چئن سالن ۾ آمريڪا افغان فوج کي 3 هزار 598 ايم 4 رائيفلون، 3 هزار 32 همويز گاڏيون تمام گهڻا مهانگا گلاسز، ليزر سائٽس ۽ فليش لائٽس ڏنيون. ڪجهه رپورٽن ۾ اهو پڻ چيو ويو ته آمريڪا جيڪي افغانستان ۾ هٿيار ڇڏيا آهن، تنهن سان طالبان ٻه وڏيون جنگيون آساني سان وڙهي سگهن ٿا. ڇو ته طالبان وٽ هاڻي روسي ساخت جا هٿيار گهٽ آهن، جڏهن ته آمريڪي ساخت جا هٿيار وڏي تعداد ۾ موجود آهن، جنهن ۾ آمريڪي ايم فور ڪاربائنز ۽ ايم 16 رائيفلون  تمام گهڻي تعداد ۾ آهن. هاڻي صرف ڏيڍ سالن جي اندر افغان طالبان حڪومت کلي طرح ٻڌائي ڇڏيو ته اهي ڪيترا پاڪستان جا دوست آهن. هاڻي ته روز طالبان جي حڪومت پاڪستان تي مداخلت جا الزام هڻي رهي آهي. القاعده جي سربراهه ايمن الزواهري کي آمريڪا ڊرون حملو ڪري قتل ڪيو ته افغان طالبان ان جو الزام به پاڪستان تي هنيو ۽ چيو ته پاڪستان پيسا وٺي اسان جي مٿان اهڙا ڊرون حملا ڪرڻ جي اجازت ڏئي رهيو آهي. هاڻي اندازو ڪيو ته اسان وٽ جيڪي افغانستان ۽ خاص طور تي طالبان جي هڪ طرفي حمايت ڪرڻ لاءِ جيڪي پاليسيون جوڙيون ويون هيون، اهي ڪيتري قدر مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿيون آهن. پر ان مان ڪو سبق پرائڻ ۽ سکڻ لاءِ تيار ناهي.

ملڪ جي جيڪا معاشي صورت حال آهي، ان جي شاهدي ملڪ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ مان ملي رهي آهي، جنهن ۾ ڪروڙين بيروزگار روڊن تي سراپا احتجاج ڪري رهيا آهن، ڪجهه هفتا پهرين اسلام آباد ۾ پوليس کاتي ۾ 16 سئو جاين لاءِ 1 لک 42 هزار اميدوارن فارم ڀرايا، مهانگائي ايتري ٿي وئي آهي جو هڪ مزدور لاءِ هڪ ڪلو اٽو وٺڻ جي سگهه نه رهي آهي. ملڪ 63 ٽريلين ڊالرز جو قرضي آهي ۽ هاڻي ڪو وڌيڪ قرض ڏيڻ لاءِ به تيار ناهي، ڪرپشن ۾ پاڪستان ترقي ڪندو پيو وڃي. معاشي لحاظ کان ملڪ کي ان نهج تي پهچائڻ ۾ ڪنهن جو ڪردار آهي؟ هلو ان کي ڇڏيون ٿا پر عسڪري لحاظ کان ته اسان جو ملڪ وڏو طاقتور آهي. سويت يونين کي ٽوڙڻ جو ڪارنامو به اسان وڏي فخر سان بيان ڪندا آهيون، سريلنڪا ۾ تامل باغين کي ختم ڪرڻ جو ڪريڊٽ به اسان ڏي وڃي ٿو، وچ اوڀر ۽ ٻين ڪيترن ملڪن ۽ علائقن ۾ اٿندڙ “بغاوتن” يا بقول توهان جي اتي ٿيندڙ دهشتگردي کي به توهان ختم ڪيو آهي. ملڪ جون سڀئي وڏيون سياسي پارٽيون پاڻ ۾ ڀلي کڻي ڪنهن هڪ نقطي تي پاڻ ۾ اتفاق نه ڪنديون هجن، پر ملڪ مان دهشتگردي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ اهي هر دفعي هڪ ٿيا آهن ۽ جڏهن به رياستي ادارن انهن کان جيڪو ڪجهه گهريو آهي، انهن اکين مان لڙڪ وهائي ۽ اکيون پوري اهي فيصلا ڪيا، جيڪي انهن جي ضمير جي به خلاف هئا، جنهن ڪري ضرب عضب ۽ ردالفساد جهڙا آپريشن ٿيا ۽ نيشنل ايڪشن پلان ٺهيو، هر ڳالهه تي لبيڪ چيو ويو پر پوءِ به ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو ڇو نه ٿي سگهيو آهي؟ هڪڙي پاسي دهشتگردي جو خاتمو نه اچي سگهيو آهي ته وري ٻئي پاسي معاشي دهشتگردي به ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي ۽ عوام جي پيسي يعني قومي ناڻي تي حڪمران طبقي سان گڏ عسڪري ۽ سول آفيسر شاهي جا ڌاڙا جاري آهن. جنهن کي روڪڻ لاءِ ڪڏهن به ڪا سنجيده ڪوشش نه ورتي وئي آهي. پر عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ نام نهاد نيب، احتساب بيورو، اينٽي ڪرپشن وغيره موجود آهن ۽ ان سان گڏ ڪرپشن کي ختم ڪرڻ جو عمران خان وارو نام نهاد بيانيو. انهن سڀني جي موجودگي ۾ آءِ ايم ايف کي پاڪستان ۾ ٿيندڙ بي انتها ڪرپشن جي فڪر اچي ورايو آهي ۽ ان کي روڪڻ لاءِ انهن حڪومت آڏو جيڪو پلان رکيو آهي، ان ۾ اعليٰ آفيسرن ۽ انهن جي خاندانن جا اثاثا ظاهر ڪرڻ، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اثاثن تائين پهچڻ لاءِ گائيڊ لائين ڏيڻ وغيره آهي. هاڻي ڏسڻو آهي ته حڪومت ان جو ڪهڙو جواب ڏئي ٿي ۽ ان تي ڪيترو عمل ٿئي ٿو؟ پر هن وقت پاڪستان ۾ دهشتگردي ۽ معاشي دهشتگردي جا ٻئي راڪاس آزادي سان عوام جو رت پيئڻ سان گڏ انهن جي ٽئڪس جي پيسن تي ڌاڙو هڻي مڪني هاٿي جيان مچي مواڙ ٿي ويا آهن، جنهن کي آساني سان قابو ۾ آڻڻ انتهائي مشڪل آهي!

[email protected]