پاڪستان هاڪي فيڊريشن کي ڪورونا وئڪسين ملي وئي

0
362

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي سيڪريٽري آصف باجوه چيو آهي ته پاڪستان هاڪي فيڊريشن کي ڪورونا وئڪسين ملي وئي آهي. آصف باجوه موجب پاڪستان هاڪي ٽيم جي رانديگرن کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، سينيئر رانديگرن ۽ مينجمينٽ کي به ڪورونا وئڪسين لڳرائيندي ويندي، رانديگرن جي حفاظت پهرين ترجيح آهي. آصف باجوه چيو ته پاڪستان جونيئر ٽيم جي رانديگرن کي گذريل ڏينهن وئڪسين جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جونيئر رانديگرن جي وئڪسين جو عمل مڪمل ٿيڻ بعد سينيئر رانديگرن کي به وئڪسين لڳرائي ويندي.