پاڪستان مخالف مواد سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ۽ شيئر ڪندڙن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

0
518

اسلام آباد: گهرو وزارت پاران لاڳاپيل اختيارين کي اهڙن ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي جيڪي سوشل ميڊيا تي ملڪ خلاف مواد اپ لوڊ، شيئر يا ڪمينٽ ڪن ٿا. گهرو وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اختيارين کي اها هدايت ڪئي وئي آهي ته هو سائبر ڪرائيم قانون تحت اهڙن ماڻهن جو پتو لڳائين جيڪي سوشل ميڊيا تي ملڪ خلاف مواد اپ لوڊ، شيئر يا ڪمينٽ ڪن ٿا. بوٽيفڪيشن موجب سوشل ميڊيا تي ملڪ اندر گهرو ويڙهه جي حمايت ڪرڻ يا ماڻهن کي ان لاءِ ڀڙڪائي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي نقصان پهچائڻ جي ذميوارن کي به هٿ ڪيو ويندو. نوٽيفڪيشن ۾ انهن ماڻهن کي به گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي جيڪي پابندي پيل تنظيمن جي حمايت ڪن ٿا، جڏهن ته اختيارين کي تازو ملڪگير مظاهرن جا فوٽيجز حاصل ڪري ان ۾ شريڪ ماڻهن کي سڃاڻڻ لاءِ نادرا کان مدد وڍي کين گرفتار ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آهي.