ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي اڳوڻي ڪرڪيٽر رميز راجا چيو آهي ته پاڪستان عمر اڪمل جهڙو ميچ ونر پيدا ناهي ڪيو. رميز راجا چيو ته اها هڪ بهترين ٽيلينٽ جي داستان آهي جنهن کي بدقسمتي سان ضايع ڪيو ويو. عمر اڪمل سمورن رانديگرن جي لاءِ به وڏو سبق آهي ته جيڪڏهن اوهان ڊسيپلين جو مظاهرو نٿا ڪريو ۽ ڪيريئر دوران منهن بند نه رکندا ته پوءِ ان ڳالهه جي اميد رکو ته ڪنهن بدقسمتي کي منهن ڏيڻو پوندو. هن چيو ته جڏهن عمر اڪل ڪرڪيٽ کيڏڻ شروع ڪئي ته اهو منهنجو پسنديده ڪرڪيٽر هو، ويجهڙ واري اننگز ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اهو ڪيترو باصلاحيت آهي. مونکي خبر ناهي ته مستقبل ۾ هن سان ڇا ٿيندو. رميز راجا چيو ته اهو اسان جي لاءِ هڪ اثاثو ثبت ٿي سگهي ٿو يا نه پر اڄ جي تاريخ ۾ عمر اڪمل کان وڏو ڪوبه ميچ ونر نه آهي. هڪ ته هن جي فٽنس ۽ ٻيو ڊسيپلين جو مسئلو آهي.