پاڪستان عالمي ادارن کي قرضن جي ادائگي ۾ رليف جي اپيل ڪري ڇڏي

0
225

پاڪستان عالمي ادارن کي قرضن جي ادائگي ۾ رليف جي اپيل ڪري ڇڏي، وزيراعظم شهباز شريف نيويارڪ ۾ هڪ انٽرويو دوران چيو ته پاڪستان جو هڪ ڀاڱي ٽي حصو ٻڏل آهي

شهباز شريف چيو ته ڪروڙين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، ايندڙ ٻن مهينن ۾ پاڪستان کي پرڏيهي قرض ادا ڪرڻو آهي، عالمي برادري فوري طور مدد نه ڪئي ته وڏو سانحو ٿي سگهي ٿو

وزير اعظم چيو ته شروعاتي ڪاٿي موجب ملڪي معيشت کي 30 ارب ڊالرز جو نقصان پهتو آهي، دنيا کي ذاتي پسند ۽ ناپسند ڇڏي اسان جي مدد ڪرڻي پوندي

وزيراعظم شهباز شريف اڄ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو ۽ سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات به ڪندو

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان لاءِ آواز اٿارڻ تي انتونيو گوتريس جا ٿورائتا آهيون