راولپنڊي (شوبز نيوز) مشهور ڊرامي گيسٽ هائوس ۽ خواجه آن لائن سان مشهور ٿيڻ وارو مزاحيه اداڪار مسعود خواجه لاڏاڻو ڪري ويو. ٽي وي ۽ اسٽيج ڊرامن جو اداڪار مسعود خواجا جنهن پنهنجي شاندار مزاحيه فلمن سان لکين مداحن جون دليون کٽي ورتيون لاڏاڻو ڪري ويون. فنڪار مسعود خواجا جي لاڏاڻي جي تصديق سندس گهرواري ڪئي آهي، هن ڪيترن ئي ٽي وي ۽ اسٽيج ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي آهي.