پاڪستان سپر ليگ جي اٺين ايڊيشن جو شيڊيول فائنل: افتتاحي تقريب ملتان ۾ ڪرڻ جو فيصلو

0
267

پاڪستان سپر ليگ جي اٺين ايڊيشن

لاهور ( اسپورٽس نيوز) پاڪستان سُپر ليگ جي اٺين ايڊيشن جي شيڊول طئي ٿي ويو آهي. جنهن جو باضابطا اعلان اڄ جمعي تي ڪيو ويندو. ذريعن چوڻ آهي ته پي سي بي قيادت اڄ پي ايس ايل فرنچائزز جي مالڪن سان شيڊول جي حوالي سان حتمي صلاح مشورو ڪندي

جڏهن ته ميگا ايونٽ جي افتتاحي تقريب هينئر تائين جي شيڊول موجب ملتان ۾ ئي ٿيندي. ذريعن موجب پي ايس ايل 13 فيبروري کان شروع ٿيندو ۽ فائنل 19 مارچ تي کيڏيو ويندو

ايونٽ جو ميچون چئن شهرن ۾ کيڏيون وينديون جن ۾  لاهور، ملتان، راولپنڊي ۽ ڪراچي شامل آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ايس ايل اٺ ۾ ملتان ۽ ڪراچي جڏهن ته لاهور راولپنڊي جا مقابلا گڏ ٿيندا

ذريعن موجب پي ايس ايل جي هڪ نمائشي ميچ ڪوئيٽا ۾ ڪرائڻ جي حڪمت عملي تي غور ڪيو پيو وڃي، نمائشي ميچ پشاور ۽ ڪوئيٽا جي ٽيمن وچ کيڏي ويندي