لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپرليگ 6 جي بقايا ميچز جي لاءِ ڊرافٽ ايندڙ هفتي دوران ٿيندو جنهن لاءِ فرنچائزز کي ڊرافٽ جي لاءِ موجود رانديگرن جي لسٽ ڏني وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ايس ايل جي بقايا ميچز جي لاءِ پهرين نمبر جا رانديگر مڪمل طور تي دستياب نه آهن ۽ جيڪي موجود آهن اهي به ڪجهه حصي جي لاءِ دستياب آهن ان لاءِ انٽرنيشنل رانديگرن جي غير موجودگي فرنچائزز جي لاءِ مٿي جو سور بڻجي وئي آهي. پي ايس ايل جا شروعاتي ميچز کيڏندڙ انگلينڊ جا رانديگر موجود نه آهن.