پاڪستان سياسي لانگ پليز جو مرڪز ڇو بڻجي ويو آهي؟

0
155
ريل مسافر اوخيل بابو، گورا ۽ ڪارا حڪمران

 پراڻي پاڪستان جو پراڻو پاڪستان ٽيلي ويزن (پي ٽي وي) جتي بهترين ڊرامن ۽ ٻين پروگرامن جي حوالي سان ملڪ توڙي دنيا ۾ مشهور هو اتي ان جي لانگ پليز جو به هڪ بهترين معيار هو. ڇاڪاڻ جو انهن کي پيش ڪندڙ ۽ لکندڙ به پنهنجي پنهنجي کيتر جا مها ڄاڻو هئا. يعني ڪو هدايتڪار هو ته ان جو به معيار هو ۽ ڪو ليکڪ هو ته ان جو به هڪ معيار هو. انهن هدايتڪارن ۽ ليکڪن مان هڪ نالو اسان کي تمام گهڻو مٿانهون نظر ايندو هو ۽ اهو نالو هو شعيب منصور جو، جيڪو اڄڪلهه “شومين” جي پليٽ فارم تان سماجي موضوعن تي فلمون ٺاهي رهيو آهي.

                 شعيب منصور ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي. سندس هر ڪم چاهي اهو ٽي وي جي حوالي سان هو يا فلم جي حوالي سان آهي، ڪو گيت سرجڻ جي حوالي سان آهي، يا هو ڪنهن نئين موضوع تي ڪا فلم ٺاهڻ جي ڌن ۾ گم آهي. سندس هر ڪم نه صرف مڃتا ماڻي ٿو پر هن پنهنجي هر ڪم کي ايتري ته محنت سان ڪيو آهي جو سندس اهو ڪم ئي هن جو تعارف بڻيل آهي. ناٽڪ نويسي، آرٽ ۽ ميوزڪ جي فن جي حوالي سان هن جيڪو به ڪم ڪيو آهي اهو لاجواب آهي. ففٽي ففٽي، الفا بريوو چارلي (ٽي وي ناٽڪ)، دل دل پاڪستان (جنيد جمشيد وارو مشهور گيت) خدا ڪي ليي، بول ۽ ورنا (فلمون) وارا ڪم هن جا يادگار ڪم آهن. ففٽي ففٽي ۽ الفا بريوو چارلي ته رستا ويران ڪري ڇڏيندا هئا. دل دل پاڪستان جنيد جمشيد کي رات و رات مشهور ڪري ڇڏيو. پر سندس ٽئي فلمون به جتي سماجي مامرن تي جڙيل هيون، اتي انهن ۾ معاشري جي انهن خرابين کي به نمايان ڪيو ويو آهي، جيڪي اسان جي سماج ۾ هڪ ناسور جي شڪل ۾ موجود آهن. جيئن مذهب جو غلط استعمال (خدا ڪي ليي)، پٽ جو اولاد نه ٿيڻ لاءِ اڪيلي عورت کي ذميدار ٺهرائڻ (بول) ۽ بااثرن جي اولاد جي انتهائي غليظ حرڪتن تي پردو رکڻ ۽ پنهنجي حيثيت جو استعمال ڪندي اولاد کي بي گناهه ثابت ڪرڻ جي لاءِ ملڪ جي اعلى ادارن ۽ قانون کي ڍال بڻائڻ (ورنا). هنن ٽنهي فلمن جي ڪهاڻين ۾ عورت جي زندگي، خواهشن ۽ مسئلن کي موضوع بڻايو ويو آهي. جتي هنن فلمن جون ڪهاڻيون شاندار آهن، اتي هنن جا مڪالما به پنهنجو مٽ پاڻ آهن. بول ۾ هڪ نوجوان عورت جڏهن پنهنجي پيءُ کي قتل ڪري ٿي ۽ ان قتل جي عيوض هن کي عدالت پاران موت جي سزا ڏني وڃي ٿي ته ڦاسي گهاٽ تي ميڊيا جي آڏو جيڪي مڪالما ادا ڪري ٿي، انهن مان هي ڊائلاگ تمام گهڻو مشهور ٿيو. “جڏهن کارائي نٿا سگهو ته پوءِ پيدا ڇوٿا ڪريو!!” ۽ ورنا جو جيڪو ڊائلاگ بهترين لڳو، اهو هڪ وڪيل پاران اچاريل اهو ڊائلاگ آهي، جيڪو ان گورنر جي آڏو سندس پٽ کي بچائڻ جي لاءِ اطمينان ڏيڻ خاطر ٻڌايو. ڊائلاگ آهي “ڪورٽن ڪچهرين اندر مقابلو سچ يا ڪوڙ جو نه پر جنهن وڪيل جو دليلن مضبوط هوندو آهي، ڪيس اهو کٽندو آهي.”

هاڻي جيڪڏهن اسان مٿي بيان ڪيل فلمن جي ڊائلاگز کي ملڪ جي موجوده سياسي حالتن جي ڏيٺ ويٺ (تناظر) ۾ ڏسون ته اهي حالتون پي ٽي آءِ سرڪار جي وزيرِاعظم جي زباني به بيان ٿيون، ته تحريڪ عدم اعتماد جي نتيجي ۾ ان جي هٽي وڃڻ دوران ۽ بعد ۾ به بيان ٿيون، پوءِ وري ڊي جي آءِ ايس آءِ جي پريس ڪانفرنس ۾ به بيان ٿيون،

عمران خان جي لانگ مارچن ۾ به بيان ٿيون، اتحادي حڪومت جي ڪارڪردگي ۾ به پنهنجي جاءِ والاري رهيون آهن ته اڳوڻي سپهه سالار جنرل رٽائرڊ باجوا جي تقررين ۽ انٽرويوز ۾ به بيان ٿيون آهن. جڏهن عمران خان جي خواهشن تي ٻن اسمبلين کي ٻيلدان طور پيش ڪيو ويو ته ان ٻليدان ملڪ ۾، خاص طور تي وفاقي گادي واري هنڌ جيڪو ٻائيتال برپا ڪيو، ان ٻائيتال کي اليڪشن ڪميشن کان وٺي گورنر هائوسز تائين ۽ گورنر هائوسز کان وٺي وفاقي حڪومت سميت سنڌ حڪومت جي، ڪنهن به ڌر ڪو اثر نه ورتو. الٽو عمران خان تي هي الزام هڻندا رهيا ته ان ئي اصل ۾ ملڪ کي هن حالت ۾ پهچايو آهي جو اسان کي نه چاهيندي به آءِ ايم ايف جي پيرن تي ڪرڻو ٿو پوي. هاڻي ان ٻائيتال کي جڏهن ڪنهن به ڪونه کنگهيو ته حسب حال اسان جي سپريم ڪورٽ آڏو آئي ۽ ان کي ئي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻو پئجي ويو، سبب هو آئين، جنهن جي تحت ملڪ ۾ ڪنهن به اسيمبلي جي ٽٽڻ کانپوءِ نوي ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ لازمي آئيني گهرج آهي. گورنرز پاران تاريخ نه ڏيڻ جي صورت ۾ صدر عارف علوي پاران تاريخ ڏني وئي. وڏي عدالت ۾ وري ان تان هٿ کنيو ويو يعني اليڪشن ڪميشن جي هي ڳالهه صحيح نڪتي ته چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار صدر وٽ نه پر گورنرز وٽ آهي. تاريخ نه ڏيڻ جي لاءِ هڪ گورنر ملڪ ۾ امن و امان کي بهانو بڻايو پئي ته ٻئي هي چئي نٽايو پئي ته جڏهن اسيمبلي مون ٽوڙي ئي ناهي ته تاريخ مان ڇو ڏيان. سو معاملو ٽنگجي ويو هو. سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ ڳالهه لڳي ٿو ڳري ٿي وئي آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ چٽائي سان چيو ويو آهي ته چونڊون آئيني گهرج آهن ۽ اليڪشن ڪميشن کي چونڊن جي تاريخ وٺڻ سان گڏ چونڊن جي انعقاد جي لاءِ ضروري گهرجن کي پورو ڪرڻ ڏانهن لازمي وڃڻ گهرجي. هوڏانهن هڪ پاسي حڪومت لاءِ سڀ کان اهم ۽ ڏکيو مرحلو آءِ ايم ايف کان قرضن جي قسط حاصل ڪرڻ بڻجي ويو آهي ته ٻئي پاسي سولو ڪم وري عوام جي مٿان مهانگائي جي جن کي ويهارڻ بڻجي ويو آهي، ڇاڪاڻ جو آءِ ايم ايف پاران روز ڪا نه ڪا نئين فرمائش سامهون اچي ٿي ۽ حڪومت اڃان اها مس پوري ڪري ٿي ته ٻي فرمائش ڦهڪو ڪري اچي ڪري ٿي. هن وقت حڪومت لاءِ چونڊون ڪرائڻ به ڪنهن وڏي امتحان کان گهٽ ڪونه آهن، معاشي حالتون به هٿن مان نڪري رهيون آهن، ڊجيٽل مردمشماري به تڪراري بڻجڻ ڏانهن وکون کڻي رهي آهي. سنڌ گورنر هائوس ۾ ڊجيٽل مردشماري تي ٿيڻ واري گڏجاڻي ۽ ان جي افتتاح واري ڪهاڻي ۽ سنڌ ۾ مردمشماري خلاف اٿندڙ آواز ته اهوئي ڪجهه ٻڌائي رهيا آهن. فاروق ستار به هڪ بيان ڏنو آهي ته ڪراچي جي آبادي ساڍا چار ڪروڙ کان گهٽ ڏيکاري وئي ته ڊجيٽل مردم شماري جي نتيجن کي قبول نه ڪيو ويندو.

فاروق ستار جي بيان مان لڳي ٿو ته هنن کي نتيجا نه پر انگ گهرجي جيڪو به وري هنن کي پنهنجي مرضي وارو کپي. سو هي به خواب ڏسي رهيا آهن ته ڪهڙي به طرح سان ڪراچي جون صوبائي ۽ قومي اسمبلي جون سيٽون وڌائي پنهنجي ان مطالبي لاءِ راهون هموار ڪيون وڃن جن لاءِ هو سالن کان تاڙ ۾ آهن. سو “نتيجا نه نيت جي پورائي لاءِ انگ گهرجي.” مٿان مارچ هلي رهيو آهي ٻن مهينن بعد جون، جولاءِ، آگسٽ وارا مهينا اسان جي اوسيئڙي ۾آهن جن گذريل سال اسان سڀني سان گهٽ ڪونه ڪئي هئي توڙي جو اسان جي سياستدانن خوب امداد ڪمائي آهي ۽ پنهنجي مرضي سان من پسند ماڻهن کي به ڏني آهي پر جيڪڏهن هن سال به اسان سان ساڳي ڪار ٿي ته رهي سهي ڪسر به پوري ٿي ويندي. حڪومت اتحادي نه پر آئي ايم ايف ڪري رهي آهي. چونڊون اليڪشن ڪميشن نه پر سپريم ڪورٽ ڪرائي رهي آهي، مزي جي ڳالهه ته ڊجيٽل مردم شماري آئين يا شماريات جي وزارت نه پر ايم ڪيو ايم ڪرائي رهي آهي. سو ملڪي آئيني يا سياسي مامرا سياستدانن جي هٿن مان نڪري وڃن ۽ جڏهن ڪنهن به آئيني ۽ سياسي مامري جي پويان عدليھ جو هٿ هجي ته ان کان نٽائڻ جا دروازا به بند ٿي وڃن ٿا. اليڪشن ڪميشن چونڊن لاءِ اجلاس مٿان اجلاس گهرائي رهي آهي. عمران خان جي “جيل ڀريو تحريڪ”، “چونڊن ۾ حصو وٺو تحريڪ” بڻجي وئي آهي. ڳالهه سمجهڻ جي آهي ته “پاڪستان سياسي لانگ پليز (ڊگهن ناٽڪن) جو مرڪز بڻجي ويو آهي. پي ٽي وي وارن ڊگهن ناٽڪن جي ته پڄاڻي هوندي هئي ٻيو انهن کي لکڻ وارو به صرف هڪ ليکڪ هوندو هو پر پاڪستان جا ڊگها ناٽڪ ڪڏهن به ختم نه ٿيڻ جو نالو نٿا وٺن. شايد انهيءَ ڪري ته هنن کي لکڻ وارو ڪو هڪ نه پر ڪيئي آهي. جيئن اسان جا سياستدان، اسان جا ادارا، اسان جون حڪومتون ۽ جيئن ٻاهريون طاقتون.