پاڪستان سان ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي رهي آهي: آءِ ايم ايف ڊائريڪٽر

0
451
پاڪستان سان ڳالهين ۾ اڳڀرائي

ڪراچي(م ڊ) آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر جهاد ازور چيو آهي ته آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان جي وچ ۾ (ڇهون) جائزي واريون ڳالهيون جاري آهن.

پنهنجي بيان ۾ جهاد ازور چيو ته پاڪستان سان ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي رهي آهي ۽ قرض پروگرام جي مختلف شرطن جو جائزو ورتو پيو وڃي.

آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي طرفان موجوده قدمن تي غور ڪيو پيو وڃي، ڳالهيون بهترين رخ ۾ داخل ٿي چيڪون آهن.

ٻئي پاسي اسٽيٽ بينڪ جي گورنر رضا باقر جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي تمام جلد خوشخبري ملي ويندي.

 

ھي به پڙھندا

مهانگائي پوري دنيا ۾ آهي، آءِ ايم ايف سان ڊيل جي خوشخبري جلد ملي ويندي: رضا باقر