حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته بين الاقوامي اين جي اوز ۽ حڪومتن کي سنڌ ۽ بلوچستان جي ڳوٺن جو دورو ڪرڻ گهرجي. پاڪستان ذميوار رياست آهي. ايٽمي پروگرام محفوظ آهي ان لاءِ غير ذميواراڻي ڳالهه نه ڪئي وڃي. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته بلدياتي چونڊون ملتوي ڪرڻ سان وڪري، خريداري ۽ ڌانڌلي جو وقت ملي ويو. سنڌ جي سمورين چونڊن ۾ وڏي پيماني تي ڌانڌلي ڪئي وئي. هن چيو ته برساتي ٻوڏ دوران ٿيل تباهي تي سنڌ سرڪار خاموش آهي. وفاقي حڪومت ۽ اين ڊي ايم اي به سنڌ کان لاتعلق بڻيل آهي. سنڌ جو عوام پنهنجو حق چاهي ٿو جيڪو کيس آئيني شقن کي نظر ۾ رکندي فراهم ڪيو وڃي.