پاڪستان خطرناڪ ملڪ قرار: اسلام آباد جا ايٽمي هٿيار غير منظم آهن: امريڪي صدر

0
525

امريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته اُن جَي خيال ۾ پاڪستان دنيا جَي خطرناڪ ملڪن مان هڪ آهي، اسلام آباد وٽ ايٽمي هٿيار غير منظم آهن

جوبائيڊن پاڪستان بابت تبصرو ڊيموڪريٽڪ ڪانگريشنل ڪيمپين ڪميٽي جي آجياڻي ۾ ڪيل پنهنجي تقرير دوران ڪيو، اِها تقريب خميس ڏهاڙي منعقد ٿي هئي

 

صدر جوبائيڊن جو خطاب وائيٽ هائوس جي ويب سائيٽ تي شايع ٿيو، جنهن ۾ بائيڊن بابت لکيو ويو ته منهنجي ويجهو شايد دنيا جي خطرناڪ ترين ملڪن مان هڪ، پاڪستان آهي، جنهن وٽ هٿيار هٿيار غير منظم آهن

چيو پيو وڃي ته امريڪي صدر اهڙا ريمارڪس تبديل ٿيندڙ عالمي سياسي منظر عالمي کي نظر ۾ رکي ڏنا ويا هئا

هن چيو ته سچ آهي ۽ مان ان تي يقين رکان ٿو، هي مذاق ناهي، دنيا اسان ڏانهن ڏسي رهي آهي، اسان جا دشمن به اسان کي ڏسي رهيا آهن ۽ اندازو لڳائي رهيا آهن ته اسان ڇا ڪريون ٿا، اسان ڪيئن مسئلا حل ڪريون ٿا

بائيڊن چيو ته هن وقت گهڻو ڪجهه داءُ تي لڳل آهي، هن زور ڏنو ته آمريڪا دنيا کي اهڙي جاءِ تي وٺي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو جيڪا اڳ نه هئي