ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي 8 سالن جي مارشل آرٽس رانديگرياڻي فاطمه نسيم ڀارتي رانديگرياڻي جو ايلبو اسٽرائيڪ جو رڪارڊ ٽوڙي گنيز بڪ ۾ نالو لکرائي ورتو آهي. ڪراچي سان واسطو رکندڙ فاطمه نسيم هڪ منٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ايلبو اسٽرائيڪ ڪري پاڻ کان ٽيڻ تي ڳري ڀارتي رانديگرياڻي جو رڪارڊ ٽوڙيو. فاطمه نسيم هڪ منٽ ۾ ٻنهي ٺوٺن ذريعي 272 ڀيرا مار ڪري گنيز بڪ تي نالو لکرايو. فاطمه نسيم کان اڳ اهو اعزاز ڀارتي جي مارشل آرٽس رانديگرياڻي ڪرن اونيال وٽ هئي، جنهن هڪ منٽ ۾ 258 ايلبو اسٽرائيڪ جو رڪارڊ قائم ڪيو هو، پاڪستان جي فاطمه نسيم ڀارتي جي ڪرن ۽ اونيال کان تقريبن 25 سال ننڍي آهي. گنيز بل آف ورلڊ رڪارڊ فاطمه نسيم جو اهو ڪارنامو رڪارڊ بڪ ۾ لکيو آهي، جڏهن ته فاطمه کي گنيز بڪ ۾ نالو لکرائڻ سان گڏ دنيا لاءِ نئون مثال پڻ قائم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي سڀ واکاڻ ڪري رهيا آهن.