ڪراچي(م ڊ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) پاران پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا جي استعمال ڪندڙ واهپيدارن جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. پي ٽي اي موجب پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ واهپيدارن جو انگ 16 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي. پاڪستان ۾ 7 ڪروڙ کان وڌيڪ واهپيدار يوٽيوب استعمال ڪندا آهن فيس بوڪ استعمال ڪندڙن جو انگ 5 ڪروڙ 71 لک آهي. پي ٽي اي جو چوڻ آهي ته موبائيل وڊيو شيئر ايپ ٽڪ ٽاڪ تي هڪ ڪروڙ 83 لک اڪائونٽس پاڪستانين جا آهن، اهڙي طرح پاڪستان ۾ انسٽاگرام استعمال ڪندڙن جو انگ هڪ ڪروڙ 38 لک آهي.