ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز ڪراچي ۾ پاڪستان جي تاريخ جو پهريون جگر جو آٽو ٽرانسپلانٽ ڪيو ويو آهي، هن علاج ۾ ڪينسر سان متاثر جگر کي جسم سان ڪڍي ڪينسر کي الڳ ڪيو ويندو آهي ۽ تباهه ٿيلي شريان کي مصنوعي شريانن سان تبديل ڪري جگر کي واپس جسم ۾ لڳايو ويندو آهي، بلوچستان جي علائقي زوب سان واسطو رکندڙ 28 ورهين جي مريض صادق شاهه جگر جي ڪينسر ۾ مبتلا هو، پروفيسر ڊاڪٽر فيصل ڊار، ڊاڪٽر جهانزيب ۽ ڊاڪٽر محمد اقبال ۽ ٻين ماهرين جي نگراني ۾ مريض جو جگر ڪڍي هن کي ڪينسر سان صاف ڪري ٻيهر لڳايو ويو آهي، مريض هاڻي مڪمل طور صحتمند به آهي، هن ڳالهه جو انڪشاف ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي وائس چانسلر پروفيسرز سعيد قريشي نجي ٽي وي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو، هن جو چوڻ آهي ته آٽو ٽرانسپلانٽ پاڪستان جي نالي واري سرجن پروفيسر فيصل ڊار جي نگراني ۾ ڪيو ويو آهي.