پاڪستان جي ايٽمي پروگرام بابت آمريڪي صدر جا شڪ شبها بي بنياد آهن: خرم دستگير

0
217
آمريڪي صدر جا شڪ شبها بي بنياد آهن
پاڪستان جي ايٽمي پروگرام بابت آمريڪي صدر جا شڪ شبها بي بنياد آهن: خرم دستگير

گجرانوالا: وفاقي وزير خرم دستگير آمريڪي صدر جي بيان تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي ايٽمي پروگرام بابت آمريڪي صدر جا شڪ شبها بي بنياد آهن، اسان جو ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم بلڪل محفوظ آهي
گجرانوالا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خرم دستگير چيو ته پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جي محفوظ هجڻ جي بين الاقوامي ادارا به تصديق ڪري چڪا آهن
هن چيو ته آمريڪي صدر جو بيان مڪمل طور بي بنياد آهي، خبر نه آهي ته جو بائيڊن اها ڳالهه ڪهڙي بنياد تي ڪئي آهي

ھي به پڙھندا

پاڪستان خطرناڪ ملڪ قرار: اسلام آباد جا ايٽمي هٿيار غير منظم آهن: امريڪي صدر

پاڪستان پاران جوبائيڊن جي تڪراري بيان تي تفصيلي ردعمل ڏيڻ جو فيصلو

پريشان آهيان ته هيءَ حڪومت قومي سلامتي تي سوديبازي ڪري ڇڏيندي: عمران خان