اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ايٽمي ۽ ميزائل پروگرام تي ڪنهن قسم جو ڪو دٻاءُ نه آهي، رياست پنهنجي جوهري ۽ ميزائل پروگرام جو ڀرپور تحفظ ڪري رهي آهي، وزيراعظم آفيس مان جاري ڪيل پڌرائي موجب وزيراعظم چيو آهي ته پاڪستان جو ايٽمي ۽ ميزائل پروگرام قومي اثاثو آهي، ايٽمي ۽ ميزائل پروگرام مڪمل طور تي محفوظ ۽ فول پروف آهي، پروگرام تي ڪنهن به قسم جو ڪو دٻاءُ نه آهي، رياست پاڪستان ايٽمي ۽ ميزائل پروگرام جو ڀرپور تحفظ ڪري رهي آهي، جنهن مقصد لاءِ اها صلاحيت حاصل ڪئي وئي آهي اهو مڪمل طور تي پورو ٿي رهيو آهي، وزيراعظم چيو ته سوشل ۽ پرنٽ ميڊيا جي ذريعي آءِ اي اي اي جي تازي دوري بابت منفي تاثر ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڊي جي آءِ اي اي اي جو پاڪستان جو دورو پرامن ايٽمي پروگرام بابت هو.

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هڪ ليڊر پاڪستان کي تباهه ڪرڻ لاءِ بضد آهي، ان جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، اهو ممڪن نه آهي جو رياست جو مفاد داءَ تي لڳي وڃي، ڀلي ڪجهه به ٿي وڃي ائين نه ٿيڻ نه ڏينداسين، اهڙو اظهار ڪالهه هن سينيٽ جي گولڊن جوبلي تقريبن جي حوالي سان ٿيل سينيٽ جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ مختلف ملڪن جا غير ملڪي سفير، سينيٽ جا موجوده توڙي اڳوڻا ميمبر به موجود هئا، وزيراعظم سينيٽ جي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ان ۾ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان مشڪل صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي،يوڪرين ۽ روس جي جنگ ۽ عالمي امپورٽڊ مهانگائي جي صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهيون، ملڪي معيشت به تمام مشڪل حالت ۾ آهي، اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيو ۽ ان جي شرطن تي عمل نه ڪري پاڪستان جي ساک متاثر ڪئي، اسان رياست پاڪستان کي بچايو، پنهنجي سياست کي قربان ڪري ڇڏيو، هن چيو ته ماضي ۾ اختلافن باوجود سياسي قيادت ملڪي مفادن لاءِ گڏجي ويهندي هئي، ، ان حوالي سان وزيراعظم 65ع ۽ 71ع جي جنگ ۽ 2014ع ۾ دهشتگردي خلاف گڏ ٿيل سياسي قيادت جا مثال ڏيندي چيو ته اڳوڻي وزيراعظم اڳيان تڪبر ۽ انا سامهون رهي، جنهن ڪري هن ڪورونا بابت اجلاس ۾ به سياسي قيادت سان گڏ ويهڻ پسند نه ڪيو، قوم جو ليڊر اناپرست نه هوندو آهي، ان ۾ تڪبر ۽ ڪاوڙ نه هوندي آهي، سياسي ليڊر ڏينهن رات ماڻهن کي چور ۽ لٽيري جو لقب نه ڏيندا آهن، اڄ سياستدان گار بڻجي چڪو آهي، نظام کي تباهه ڪرڻ لاءِ آخري ڌڪو لڳايو پيو وڃي، قانون جا بکيا اڊيڙيا پيا وڃن، ادارن جي حد ۽ حساب کان وڌيڪ بي توقيري ٿي رهي آهي، جلايو ۽ گهيراءُ ڪيو جي تحريڪ کي هوا ڏني پئي وڃي، هي حالتون پاڪستان لاءِ وڏو چيلنج بڻجي چڪيون آهن، اڳوڻي حڪومت ۾ جڏهن بي بنياد ۽ من گهڙت الزامن هيٺ سياسي اڳواڻن کي جيلن ۾ وڌو ويو ته ڪنهن به اڳواڻ قانون کي هٿ ۾ نه کنيو، اڳوڻي حڪومت آرڊيننس ذريعي نيب ڪورٽن ۾رٽائرڊ جج لڳائڻ لاءِ نيب قانون ۾ ترميم ڪئي ته جيئن رٽائرڊ ججن ذريعي سياسي مخالفن کي 10 کان 20 سالن تائين جيل ۾ ساڙيو وڃي ۽ اڳوڻو فاشسٽ حڪمران حڪومت ۾ رهي حڪم ڏيندو رهي، شهباز شريف چيو ته11 مهينن کان مشڪل حالتن مان گذري رهيا آهيون، ڪجهه ڳالهيون سيني ۾ آهن، جن کي منظر تي نه ٿو آڻي سگهان، هن چيو ته معاشي نظام کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ سياسي استحڪام لازمي آهي، سياسي استحڪام کانسواءِ معاشي استحڪام خواب وانگر آهي، جيڪو پورو نه ٿو ٿي سگهي، ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ لاءِ پوري ڪوشش ڪري رهيا آهن، آءِ ايم ايف جا تمام سخت شرط پورا ڪيا آهن هاڻي اهو معاهدو ٿي وڃڻ گهرجي، آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿيڻ ۾ پنهنجن جو قصور آهي، آءِ ايم ايف وارا انڌا ته نه آهن جو نه ڏسي سگهن ته ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، هن عمران خان جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته هن حڪومت لاءِ چيو ويو ته هي امپورٽيڊ حڪومت آهي، ان بيانيي کي ڪجهه حصي مڃي به ورتو پر يوٽرن جي بادشاهه اهو چيو ته هن حڪومت پويان آمريڪا ناهي، هڪ ليڊر پاڪستان کي تباهه ڪرڻ لاءِ بضد آهي ان جي اجازت نه ڏينداسين، اسان احتياط ڪري رهيا آهيون ته جيئن مامرا بگڙجي نه وڃن، اهو ممڪن ناهي ته رياست جو مفاد داءَ تي لڳي وڃي، ڀلي ڪجهه به ٿئي ائين ٿيڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته آءِ ايم ايف کان ڪيستائين پروگرام وٺنداسين، 25 آءِ ايم ايف پروگرام وٺي چڪا آهيون، هن چيو ته سڀ گڏجي ويهن، ملڪ کي موجوده صورتحال مان ڪڍڻ لاءِ وڏا فيصلا ڪرڻا پوندا، اڃا به وقت مڪمل طور تي هٿن مان نه نڪتو آهي، اڃا به وقت آهي گڏجي ويهون، پاڪستان جو مستقبل سنواريون، سازشون نه پر پاڪستان ڪاوشون ڪيون، نفرت جو زهر نه ڦهلايو وڃي، غربت ۽ بيروزگاري کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن.