اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان کي هدف کان 5 ارب ڊالر گھٽ قرض ملڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن جو چون آهي ته بين الاقوامي مالياتي فنڊ آءِ ايم ايف سان پروگرام بحال نه ٿيڻ جي ڪري حڪومت کي پرڏيهي قرضن جي حاصلات ۾ ڏکيايون درپيش آهن.  اقتصادي معاملن واري ڊويزن هلندڙ مالي سال دوران پاڪستان حڪومت کي ملندڙ قرضن جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. اقتصادي معاملن واري ڊويزن قرضن بابت ماهوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال جولاءِ کان مارچ تائين پاڪستان کي مجموعي طور 7.76 ارب ڊالر قرض مليو، جڏهن ته هلندڙ مالي سال 22 ارب ڊالرن کان وڌيڪ قرض حاصل ڪرڻ جو ڪاٿو هو. رپورٽ موجب گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ ان دوران 5 ارب ڊالر قرض گهٽ ورتو ويو، گذريل مالي سال ان ئي عرصي ۾ 12.7 ارب ڊالر قرض ورتو ويو هو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال جولاءِ کان مارچ دوران عالمي مالياتي ادارن کان 4 ارب 2 ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ قرض مليو. رپورٽ موجب ايشيائي ترقياتي بئنڪ هڪ ارب 94 ڪروڙ ڊالر قرض ڏنو، عالمي بئنڪ هڪ ارب 10 ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ قرض فراهم ڪيو، جڏهن ته آءِ ايم ايف کان پاڪستان کي هڪ ارب 16 ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ جو قرض مليو. اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سعودي عرب پاڪستان کي 88 ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ قرض ڏنو ۽ 78 ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ رقم تيل جي سهولت لاءِ ڏني، سعودي عرب 10 ڪروڙ ڊالر پراجيڪٽ فنانسنگ جي مد ۾ فراهم ڪيا. رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال جولاءِ 2022 کان مارچ 2023 تائين ڪمرشل بئنڪن کان 90 ڪروڙ ڊالرن جو قرض مليو، جڏهن ته نئون پاڪستان سرٽيفڪيٽ کان پاڪستان کي 61 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ رقم ملي.