لاس اينجلس(شوبز نيوز) مشهور پاڪستاني اداڪارن کي دنيا جي سڀ کان خوبصورت ترين چهرين جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي.  پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب دنيا جي خوبصورت ترين ماڻهن جو تعين ڪندڙ ويب سائيٽ ٽي سي ڪينڊلر 2022 جي خوبصورت ترين چهرن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. لسٽ ۾ هالي ووڊ، بالي ووڊ ۽ لالي ووڊ جا وڏا نالا شامل آهن. اميدوارن کي عالمي مقبوليت جي بنياد تي نامزد ڪيو ويو آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هن ڀيري 5 پاڪستاني اداڪارن جا نالا به لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن جن ۾ مشهور اداڪار فواد خان، عمران عباس جڏهن ته مشهور اداڪارا نيلم منير، سجل علي ۽ عائزه خان به شامل آهن.