پاڪستان جا ائٽمي ڌماڪا

0
217
پاڪستان جا ائٽمي ڌماڪا

 پاڪستان ۽ ڀارت 1947ع ۾ گڏ آزاد ٿيا پر تنهن کانپوءِ انهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ هلندي پئي اچي، اها ڇڪتاڻ ڪشمير تي آهي ۽ ڪشمير ئي ان ڇڪتاڻ جو بنياد آهي. جڏهن ڀارت گڏيل قومن جي ٺهرائن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو، جنهن ۾ ڪشمير ۾ فوج موڪلڻ جو الزام هنيو ويو هو پر انهيءَ کانپوءِ ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ ۾ ويتر اضافو ٿيو.

                 ڀارت پاڪستان جي سرحد ويجهو ائٽمي ڌماڪا ڪيا. موٽ ۾ ڀارت سان طاقت جو توازن پيدا ڪرڻ لاءِ پاڪستان به ائٽمي ڌماڪن جي لاءِ ڪم ڪندو رهيو. پاڪستان 28 مئي 1998ع تي  ڀارت جي مقابلي ۾ پنج ائٽمي ڌماڪا ڪيا ۽ ائين پاڪستان به انهيءَ ڊوڙ ۾ شامل ٿي ويو.

                 جيئن ته مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته پاڪستان ۽ هندوستان ۾ اها ڇڪتاڻ 1947ع کان هلندڙ آهي. هندن کي هندوستان ۾ جيئن ته برتري حاصل هئي، ڇو جو هو انگريزن جا مددگار هئا. هر هنڌ اهي انگريزن جي مدد ڪندا هئا. اهي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو هئا. انهن جي ڀيٽ ۾ مسلمان گهڻو ڪري اڻپڙهيل هئا. اهي نوڪرين ۾ به پٺتي هئا. سرڪاري نوڪرين ۾ تمام گهٽ تعداد ۾ هئا، تنهنڪري انگريزن جي مدد کان لنوائيندا هئا.

انگريزن جي انهيءَ دشمني کانپوءِ مسلمان ڪنهن نموني ۾ به انگريزن جي مدد نه ڪندا هئا، انهن جا مخالف ڳڻيا ويندا هئا پر انگريز انهيءَ ڳالهه کي نظر انداز ڪندا هئا. جڏهن وري ڀارت پاڪستان سرحد ويجهو پنج ائٽمي ڌماڪا ڪيا ته پاڪستان به هوشيار ٿي ويو جنهن به جوابي پنج ائٽمي ڌماڪا 1998ع ۾ ڪيا. جيئن ته مٿي ٻڌائي آيو آهيان ته ٻنهي ملڪن جي تڪرار جو بنياد ڪشمير آهي، جڏهن ڪشمير ۾ جهيڙو نه رهندو ته ٻئي ملڪ پاڻ ۾ ٺهي ويندا. جيئن ته ٻنهي ملڪن ۾ ڪشمير تي ٺاهه جا امڪان گهٽ آهن، ڇو ته ڀارت ڪشمير کي پنهنجو اٽوٽ انگ چوندو رهيو آهي.

ذوالفقار علي ڀٽي جو پاڪستان کي ائٽمي قوت بڻائڻ ۾ تمام اهم ڪردار آهي، هن پنهنجي دور ۾ ڊاڪٽر عبدالقدير کي پرڏيهه مان گهرائي هن کي پاڪستان کي ائٽمي قوت بنائڻ جو ڪم حوالي ڪيو. اهڙي نموني سان پاڪستان ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ ڊاڪٽر عبدالقدير جي ذريعي ائٽمي پروگرام ڏانهن وک وڌائي. اسلام آباد جي ويجهو هڪ ايراضي جي چونڊ ڪري اتي ڪم شروع ڪيو ويو. ڊاڪٽر عبدالقدير ۽ سندس ساٿين جي ئي محنت سان پاڪستان ائٽمي طاقت بڻيو.