پاڪستان توهين جوڳو مواد نه هٽائڻ تي ملڪ اندر وڪي پيڊيا کي بلاڪ ڪري ڇڏيو

0
239

ڪراچي: پاڪستان توهين جوڳو مواد نه هٽائڻ تي ملڪ اندر وڪي پيڊيا کي بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي چتاءَ ڏيڻ باوجود مواد نه هٽائڻ تي وڪي پيڊيا کي بلاڪ ڪيو

پي ٽي اي اختيارين وڪي پيڊيا کي بلاڪ ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، اختيارين موجب وڪي پيڊيا کي بلاڪ ڪرڻ کان اڳ عدالتي حڪم تحت ويب سائيٽ کي مواد نه هٽائڻ تي پهرين ڊي گريڊ ڪيو ويو

 48 ڪلاڪن لاءِ ويب سائيٽ جي سروس کي سلو به ڪيو ويو، وڪي پيڊيا کي موقف پيش ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويو، پر ويب سائيٽ پاران ڪنهن به پي ٽي اي اختيارين سان رابطو نه ڪيو

هي به پڙهندا

پاڪستاني سرڪار جي ويب سائيٽ تي سائبر حملو، پي ٽي اي خبردار ڪري ڇڏيو

آءِ ايم ايف جي شرطن تي عملدرآمد شروع، سرڪاري آفيسرن جي اثاثن جا تفصيل گڏ ڪرڻ جو فيصلو