اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان بار  ڪائونسل آڊيو ۽ وڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ ٽرٿ ڪميشن بنائڻ جو مطالبو ڪندي اعلان ڪيو آهي ته مڪ جي موجوده صورتحال کي سامهون رکندي سمورن اسٽيڪ هولڊرز جو ڪنوينشن جلد ڪوٺايو ويندو، ڪالهه پاڪستان بار ڪائونسل جي جنرل باڊي جو اجلاس وائيس چيئرمين خوشدل خان جي صدارت  هيٺ ٿيو، پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته جنرل باڊي جي اجلاس ۾ ميمبرن آڊيو ۽ وڊيو ليڪس واري مامري تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته آڊيو ليڪس واري مامري تي ڪنهن غير تڪراري اڳوڻي ڪنهن چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽرٿ ڪميشن جوڙيو وڃي، جنهن ۾ غير تڪراري وڪيل ۽ سينيئر پارليامينٽ جا ميمبر شامل ڪيا وڃن، پڌرائي ۾ چيو ويو ته عوام مٿان عدليه جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ آڊيو ۽ وڊيو ليڪس جي جاچ ڪرڻ ضروري آهي، پڌرائي ۾ چيو ويو ته اجلاس ۾ ملڪ جي مختلف حصن ۾ جوڊيشل آفيسرن پاران اسڪولن جا دورا ڪرڻ جي مذمت ڪئي وئي آهي، اهو به چيو ويو  ته حڪومت پاران 17 نومبر واري گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس ۾ اپوزيشن جي مشاورت کان بغير هڪ ڏينهن ۾ 33 بل پاس ڪيا ويا آهن اهو عمل مذمت جوڳو آهي، اجلاس ۾ ملڪ اندر وڌندڙ مهانگائي ۽ وڪيلن ۽ صحافين مٿان ٿيندڙ حملن جي به پرزور مذمت ڪئي وئي ۽ فيصلو ڪيوويو ته ملڪ جي موجوده صورتحال کي سامهون رکندي اسٽيڪ هولڊرز جو هڪ گڏيل ڪنوينشن جلد ڪوٺايو ويندو.