پاڪستان ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪرندو يا نه؟ فيصلو اڄ ٿيندو

0
423

پئرس (مانيٽرنگ ڊيسڪ) فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ يا نه ڪڍڻ بابت اعلان اڄ ٿيندو، ايف اي ٽي ايف جي پڌرنامي موجب پاڪستان جو ايف اي ٽي ايف مان ڪڍڻ نه ڪڍڻ بابت فيصي جو اعلان پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو ويندو، ايف اي ٽي ايف جو ورچوئل اجلاس 21 کان 25جون تائين پئرس ۾ جاري رهيو، اجلاس ۾ پاڪستان جي بابت ايشيا پيسفڪ گروپ جي رپورٽ تي غور ڪيو ويو، ايف اي ٽي ايف جي موجب، اجلاس ۾ پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ يا نه ڪڍڻ بابت 23جون تي غور ڪيو ويو، ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي پر پاڪستان ايف اي ٽي ايف مان نالو نڪرڻ تي پر اميد آهي، پاڪستان ايشيا پئسفڪ گروپ جي 27مان 26نقطن تي عملدرآمد ڪري چڪو آهي، سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارت، پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان ڪڍڻ جو مخالف آهي.