اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر جي سربراهي ۾ پاڪستاني پارلياماني وفد کي افغانستان ۾ لهڻ جي اوچتو اجازت نه ملي، دورو ملتوي ڪيو ويو، ڪالهه اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر جي سربراهي ۾ پارلياماني وفد افغانستان روانو ٿيو، جنهن ۾ سنڌ مان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر غلام مصطفيٰ شاهه، ساجد خان، رانا تنوير، گلداد خان، شيخ يعقوب، شادنا گلزار ۽ ٻيا شامل هئا، ان وفد ۾ افغانستان لاءِ پاڪستان جو خصوصي عيوضي محمد صادق به شامل هو، ان وفد کي 8 اپريل کان 11 اپريل تائين افغانستان جو دورو ڪرڻو هو، جنهن دوران اسپيڪر قومي اسيمبلي جي سربراهي ۾ وفد کي افغانستان صدر اشرف غني، افغانستان جي پرڏيهي وزير، افغان پارليامينٽ جي اسپيڪر ۽ ٻين اختيارين سان ملاقاتون ڪرڻيون هيون پر ان وفد کي اوچتو ڪابل ۾ لهڻ جي اجازت نه ملڻ ڪري اسپيڪر جي سربراهي ۾ وفد دورو ملتوي ڪري واپس ڏيهه اچي پيو، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ دورو ملتوي ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي سببن ڪري ڪابل ايئرپورٽ بند هجڻ ڪري پارلياماني وفد جو افغانستان جو دورو ملتوي ڪيو ويو آهي، دورو ملتوي ٿيڻ کانپوءِ افغان پارليامينٽ جي سربراهه اسپيڪر اسد قيصر کي فون ڪيو، اسپيڪر اسد قيصر سان افغانستان جي سينيٽ چيئرمين فضل هادي، مسلم يار، اسپيڪر بلوسي جرڳه مير رحمان رحماني ڌار ڌار فون ڪيا، اسپيڪر کي ٻڌايو ويو ته پاڪستاني وفد جو جهاز سيڪيورٽي خدشن سبب نه لهي سگهيو، پاڪستاني وفد جي سيڪيورٽي هر شئي کان مقدم آهي، اميد ته جلد پاڪستان جو پارلياماني وفد ڪابل جو دورو ڪندو، جنهن تي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته سيڪيورٽي صورتحال بهتر ٿيڻ تي جلد افغانستان ايندس، افغانستان ۾ امن جي حوالي سان پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.