ممبئي(شوبز نيوز) پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ هلندڙ سال ورلڊ ڪپ ۽ ايشيا ڪپ جي وينيو جي تڪرار دوران بالي ووڊ اسٽار شاهه رخ خان جي هڪ پراڻي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ بالي ووڊ ڪنگ پاڪستاني ڪرڪيٽرن جي تعريف ڪري رهيو آهي. اها وڊيو 2010ع يعني 13 سال پراڻي آهي، ان انٽرويو وقت شاهه رخ خان ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز جو مالڪ هو جيڪو ٽيم جي چونڊ لاءِ ٿيندڙ دٻاءَ جو ذڪر ڪري رهيو آهي. اداڪار چئي رهيو آهي ته پاڪستاني ڪرڪيٽر ٽي ٽوئنٽي جا بهترين رانديگر آهن. شاهه رخ خان چيو ته مان آل رائونڊر عبدالرزاق کي پنهنجي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ چاهيان پيو پر نيلامي کان اڳ ئي ان جو ذڪر اخبارن ۾ ٿيڻ لڳو، هن چيو ته آءِ پي ايل جي پهرين سيزن ۾ منهنجي ٽيم ۾ وسيم اڪرم سميت 5 رانديگر هئا جنهن سبب مون تي تنقيد ڪئي وئي ته هن ٽيم ۾ گهنا رانديگر پاڪستاني آهن. هن ان کي شرمندگي جو سبب قرار ڏنو ته سياسي ڇڪتاڻ سبب ڪنهن هڪ ملڪ جي ٽيم جي رانديگرن جيڪي سڀ کان بهترين آهن کي ٽيم ۾ شامل ئي نه ڪريون.