ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ هڪ هزار وڪيٽون وٺڻ جو اعزاز ماڻيندڙ پهرين ٽيم آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) زمبابوي خلاف ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ جي شروع ٿيڻ کان اڳ پاڪستاني بالرز جي واکاڻ ڪندي ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون.پي سي بي ٻڌايو ته ڇا اوهان کي خبر آهي ته پاڪستاني ٽيم ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ هڪ هزار وڪيٽون وٺندڙ ٽيم آهي. ٽوئٽ ۾ تماشائين کان به سوال ڪيو ويو ته ٻي ميچ ۾ پاڪستاني بالرز ڪيترن وڪيٽن جو اضافو ڪندا. ٻئي پاسي پاڪستاني ٽيم جي بدترين شڪست کانپوءِ سوين صارفين پي سي بي جي ٽوئٽ کي ري ٽوئٽ ڪندي لکيو ته اڄ پاڪستاني ٽيم نئون اعزاز به ماڻيو آهي، زمبابوي جهڙي ٽيم کان بدترين شڪست پاڪستان لاءِ اعزاز ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟