پاڪستاني ٽيم جي شاندار ڪاميابي تي جشن، گرين شرٽس کي واڌايون

0
215
پاڪستاني ٽيم جي شاندار ڪاميابي
پاڪستاني ٽيم جي شاندار ڪاميابي تي جشن، گرين شرٽس کي واڌايون

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪندڙ  پاڪستاني ٽيم کي واڌايون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ جشن پڻ ملهايو پيو وڃي

وزيراعظم شهباز شريف نيوزيلينڊ خلاف شاندار فتح کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي واکاڻ ڪئي

پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ٽيم جي ڪاميابي ۾ جذبو، عزم شامل آهي

شهباز شريف ٽيم جي واکاڻ ڪندي چيو ته ٽيم بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان نيوزيلينڊ کي سيمي فائنل ۾ شڪست ڏيڻ تي قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ۽ پوري ٽيم کي مبارڪباد ڏني آهي

پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ عمران خان چيو ته بابر اعظم ۽ پوري ٽيم کي شاندار فتح تي مبارڪباد

 

پاڪستان جي اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر شعيب اختر جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ٽيم کي ان موڙ تي آڻڻ ۾ پاڪستانين جو وڏو ڪردار آهي

شعيب اختر پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته اهو سڀ ڪجهه پاڪستانين جي دعائن جي ڪري ٿيو آهي پر مونکي ائين پئي لڳو ته پاڪستان اِن ليول تائين نه پهچندو، ٽيم اڳ ئي گهر واپس اچي ويندي

قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2022 جو سيمي فائنل کٽڻ تي مبارڪباد جو سلسلو جاري آهي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري به ان ڪاميابي تي سمورن رانديگرن ۽ ملڪ واسين کي مبارڪباد ڏني آهي

 

اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ڌيءَ آصفه ڀٽو زرداري ٽوئيٽ ڪندي چيو ته ايندڙ منزل ”فائنل“ آهي

ھي به پڙھندا

ٽي-20ورلڊ ڪپ ۾ نيوزيلينڊ کي شڪست: پاڪستان فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو