ڪراچي(اسپورٽس نيوز)پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر انگلينڊ خلاف ٻي ون ڊي ۾ شڪست تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پهرين ٽيم جي سليڪشن درست ڪيو، ٽيم ۾ ڪوبه هڪ ميچر بيٽسمين ناهي. شعيب اختر پنهنجي بيان ۾ چيو ته ٽي ٽوئنٽي جي رانديگرن کي ون ڊي ۽ ون ڊي جي رانديگرن کي ٽي ٽوئنٽي ۾ کيڏائي رهيا آهن، صهيب مقصود کي ٽي ٽوئنٽي جي پرفارمنس تي چونڊيو ويو ۽ ون ڊي ۾ کيڏايو پيو وڃي، سرفراز احمد کان وڌيڪ بهتر ڪوبه مڊل آرڊر بيٽسمين ناهي. هن چيو ته پاڪستان ٽيم ۾ ڪوبه هڪ رانديگر ٻڌايو جنهن لاءِ انگلينڊ ۾ ٽڪيٽ خريد ڪري ڪير ڏسڻ اچي.