لاس اينجلس(شوبز نيوز) پاڪستاني فلمساز عثمان مختيار جي مختصر فلم “گلابو راني” ايل اي سائنس فڪشن اينڊ هارر فيسٽيول 2022ع ۾ ايوارڊ پنهنجي نانءِ ڪري ورتو آهي. فلمساز پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي ان خبر کي شيئر ڪيو آهي ۽ مداحن طرفان مبارڪن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. هنن پنهنجي پوسٽ سان گڏ هڪ جذباتي ڪيپشن لکيو “الحمد الله، مان اهو اعلان ڪندي نهايت خوش آهيان ته “گلابو ران” اي اي سائنس فڪشن اينڊ هارر فيسٽيول ۾ بهترين مختصر فلم جو ايوارڊ کٽيو آهي، مونکي پنهنجي مڪمل ٽيم تي فخر آهي”. عثمان مختار جي پوسٽ تي شوبز جي ڪيترين ئي شخصيتن هن کي مبارڪ پيش ڪئي آهي جن ۾ سارا خان، علي ڪاظمي ۽ منظر صهبائي شامل هئا. “گلابو راني“ جي ڪهاڻي هڪ هاسٽل جي چوڌاري گهمي ٿي جنهن ۾ ڀوت هجن ٿا. فلم ۾ اسامه جاويد حيدر، معراج حق، دانيال خاقان، عمر عبدالله ۽ نتاشا حميرا به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.