پاڪستان نفرت پکيڙيندڙن خلاف ڇا ڪيو آهي؟: يورپي يونين

0
396
پاڪستاني نفرت پکيڙيندڙن

ڪراچي(م ڊ) يورپي يونين پاڪستان ۾ انساني حقن جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، يورپي يونين (اي يو) هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ تازي مذهبي انتهاپسندي ۽ عدم برداشت تي ڳڻتي آهي

يورپي يونين پنهنجي بيان ۾ پاڪستان ۾ اظهار جي آزادي ۽ پريس جي آزادي تي پابندين تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جبري گمشدگيون، تشدد ۽ انصاف تائين پهچ ۾ رڪاوٽون ناقابل قبول آهن

يورپي يونين سوال اٿاريو ته پاڪستان حڪومت نفرت پکيڙڻ وارن خلاف ڪهڙا قدم کنيا آهن؟

واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ سيالڪوٽ ۾ سريلنڪن مئنيجر پريانٿا ڪمارا کي فيڪٽري جي ملازمن مذهبي پوسٽر لاهڻ جو الزام مڙهي بيدردي سان قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو هو

ھي به پڙھندا

سيالڪوٽ واقعو: مقتول جو جسم گهڻو سڙيل ۽ هڏا ٽٽل هئا: پوسٽ مارٽم رپورٽ