اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ ميان رضا رباني چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان وفاقي حڪومت جي معاهدي کان پوءِ قومي اسيمبلي جو بجيٽ اجلاس گهرائڻ جي ضرورت باقي نه رهي آهي، آءِ ايم ايف جي ڊڪٽيشن تي بجيٽ هدف پهريان ئي طئي ٿي ويا آهن، قومي اسيمبلي هڪ رٻڙ اسٽيمپ بڻجي وئي آهي، جيڪا هاڻي آءِ ايم ايف جي تيار ٿيل بجيٽ جي منظوري ڏيندي، جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته حڪومت پاڪستان جي عوام ۽ پارليامينٽ کي آءِ ايم ايف سان طئي ٿيل نين شرطن بابت اوندهه ۾ رکيو، عوام ۽ پارليامينٽ کي آءِ ايم ايف سان طئي ڪيل شرطن جي معلومات آءِ ايم ايف پاران جاري ڪيل دستاويزن ذريعي ملي، حڪومت پاران غير شفافيت جي اهڙي عمل جي سخت مذمت ڪريون ٿا، هن چيو ته وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف سان ايف بي آر جي ٽيڪسز ۾ 1272 ارب رپين جي ٽيڪسن ۾ اضافي تي اتفاق ڪيو آهي، رضا رباني چيو ته هن چيو ته پاڪستان جي معاشي خودمختياري کي آءِ ايم ايف حوالي ڪئي وئي آهي، هن مطالبو ڪيو ته احتجاجن سينيٽ جو ايوان ايندڙ مالي سال جي بجيٽ بابت سفارشون تيار نه ڪري ڇو ته هي پاڪستان جي بجيٽ نه پر شاهي آقائن جي بجيٽ آهي.