ڪراچي (م ڊ) گيلپ پاڪستان جي نئين سروي ۾ 74 سيڪڙو پاڪستانين پاڪستان ۾ پنهنجي مستقبل  کي محفوظ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. گيلپ پاڪستان مستقبل کي محفوظ چوندڙن جي لسٽ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ پاڪستاني اڳڀرا آهن. سروي ۾ 74 سيڪڙو پاڪستاني مستقبل مان پراميد نظر آيا ۽ هنن ملڪ کي محفوظ قرار ڏنو. ان ڳالهه جو پتو گيلپ پاڪستان ۽ ورلڊ وائيڊ انڊيپينڊينٽ نيٽ ورڪ آف مارڪيٽ ريسرچ جي سرويز مان لڳايو ويو جنهن ۾ دنيا جي 24 ملڪن جي 19 هزار کان وڌيڪ ماڻهن حصو ورتو. پاڪستانين جي شرح فن لينڊ، ترڪي، برطانيا، جرمني، جاپان، فرانس ۽ اٽلي کان بهتر رهي ۽ پاڪستان ۾ 500 ماڻهو هن سروي جو حصو بڻيا جڏهن ته پاڪستان ۾ اها سروي 5 کان 8 اپريل 2022 دوران ڪئي وئي.