ٽورنٽو (شوبز نيوز) پاڪستاني سينيما ۽ فلم انڊسٽري لاءِ ڪم ڪندڙ سرمد کوسٽ جي فلم “ڪملي” ۽ صائم صادق جي فلم “ جواءِ لينڊ” سميت سجل علي جي اداڪاري تي ٻڌل فلم “واٽس لوگاٽ ٽوڊو وڌ اٽ” عالمي ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتا آهن. ڄاڻايل پاڪستاني فلمن ۽ فنڪارن اهي ايوارڊ چئن ڏينهن واري ميوزڪل انٽرنيشنل سائوٿ ايشين فلم فيسٽيول ۾ کٽيا آهن. فيسٽيول جي جيوري پاران جاري ڪيل اعلان مطابق فلم جواءِ لينڊ چار ايوارڊ پنهنيج نالي ڪيا، جن ۾ بيسٽ انٽرنيشنل فيچر، بيسٽ اسڪرين پلي، بيسٽ سائونڊ ڊزائن ۽ بيسٽ ايڪٽر (فيميل) شامل آهن. ڪملي جي اداڪاره ثانيه سعيد بهترين اداڪارا جو ايوارڊ کٽيو. سجل علي جي فلم “واٽس لوگاٽ ٽو ڊو وڌ اٽ”  (جيڪا جمائما خان جي آهي) ان کي بيسٽ ڪاسٽ جيوري پرائيز مليو.