ڪراچي (شوبز نيوز)  پاڪستاني شارٽ فلم “ نور” ڪانز فلم فيسٽيول ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. ان ڏس ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته عمر عادل جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم کي ڪانز فيسٽيول ۾ ايوارڊ لاءِ رکيو ويو هو، هن فلم “نور” ۾ ثروت گيلاني ۽ عمير رانا مک ڪردار نڀايو، فلم جو پريميئر جلد ڪانز ۾ ٿيندو . فلم جي هدايتڪار عمر عادل ٻڌايو ته هڪ هڪ تمام پياري ڪهاڻي آهي جيڪا هڪ ٻارڙيءَ جي عينڪ تي لکيل آهي، هو هڪ تمام سٺي شاگردياڻي آهي پر جڏهن سندس نظر ڪمزور ٿيڻ لڳي ٿي ته کيس ڪجھه مسئلا ڏسڻا پون ٿا. بينيادي طور تي فلم عينڪ سان لاڳاپيل ناڪاري خيالن جي باري ۾ آهي ته ڪنهن شخص کي چشمو نه پائڻ گھرجي نه ته هو پوڙهو نظر ايندو.