پاڪستاني سياست ۾ خطن جي انٽري!

0
232
لانگ مارچ، ستن جو انگ ۽ سولومن گرونڊي وارو نظم

ٽي  اپريل  2016ع ۾، پاناما ليڪس پيپرز جن دنيا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو هو اتي انهن پاڪستان ۾ پڻ انهن ماڻهن خلاف طوفان کڙو ڪري ڇڏيو جن جا نالا انهن پاناما پيپرز ۾ ظاهر ٿيا هئا ته فلاڻا فلاڻا ماڻهو پنهنجي ملڪن جي عوام جو پئسو ڦري لٽي ٻين ملڪن ڏانهن کڻي وڃي سيڙپڪاري ڪن ٿا، اتي پنهنجي خاندان جي لاءِ پوش علائقن ۾ ملڪيتون خريد ڪن ٿا ۽ حڪومت جي ٽيڪس کان بچڻ جي لاءِ اهي پاناما ۾ فرضي يا پنهنجن نالن سان ڪمپنيون کولين ٿا. هڪ محتاط اندازي موجب 11.5 ملين دستاويزن ۾ انهن امير ماڻهن جي باري ۾ معلومات ڏنل هئي جيڪي يا ته عوامي عهدو رکندڙ هئا يا وري تمام وڏا ڪاروباري ماڻهو هئا (آهن) جن پنهنجو ڏوڪڙ پيسو پاناما ۾ انهيءَ ڪري سيڙايو ته سندن اها سيڙپ نوانوي سيڪڙو ٽيڪس کان آجي ۽ محفوظ آهي. اتفاق سان انهن پيپرز ۾ جتي هزارين پاڪستانين جا نالا ڏنل هئا اتي اڳوڻي وزيرِاعظم عمران خان ۽ اڳوڻي وزيرِاعظم ميان نواز شريف جي نالن سان گڏ نواز شريف جي پٽ حسين نواز ۽ ڌيءَ مريم نواز جو نالو به ڳڻجي رهيو هو. نواز شريف جيئن ته ملڪ جو وزيراعظم (عوامي عهدو رکندڙ) هو سو جڏهن هن جو نالو پاناما ۾ نروار ٿيو ته ملڪ جي لڳ ڀڳ سڄي اپوزيشن هن خلاف ٿي بيٺي ته ميان صاحب آئين جي آرٽيڪل 62، 63 جي معيار تي پورو نٿو لهي سو هن کي استعيفا ڏيڻ گهرجي. ماڻهو جڏهن ڪرسي تي هوندو آهي ته ان کي ڪابه ٻي ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي آهي سواءِ پنهنجي تعريف ٻڌڻ جي يا پنهنجي مطلب جي ڳالهه ٻڌڻ جي. ميان صاحب کي پنهنجي گهڻگهرن گهڻو سمجهايو جن ۾ پ پ جو سيد خورشيد شاهه سڀ کان اڳيان اڳيان هو ته ميان صاحب کي استعيفا ڏيڻ گهرجي يا هن معاملي تي پارليامينٽ ۾ بحث ٿيڻ گهرجي.

جڏهن ايئن نه ڪيو ويو ۽ معاملو  سپريم ڪورٽ ۾ آيو ته ڪورٽ سڳوري جسٽس آصف سعيد خان کوسي، جسٽس اعجاز افضل خان، جسٽس گلزار احمد، جسٽس عظمت سعيد ۽ جسٽس اعجازالحسن يعني پنجن ججن تي مشتمل بينچ 20 اپريل، 2017ع تي فيصلو ڏيندي ميان نواز شريف کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو ۽ ساڳئي فيصلي ۾ هنن هي به لکيو ته ميان نوازشريف ڪنهن به عوامي عهدي کي رکڻ جي لاءِ سڄي عمر جي لاءِ نااهل آهي ڇاڪاڻ جو هن پنهنجي قوم سان ڪوڙ ڳالهايو آهي. بعد ۾ ان فيصلي کي بنياد بڻائيندي پ پ پ، پي ٽي آئي ۽ ٻيون پارٽيون نوازشريف کي پارٽي قيادت تان به هٽائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ويون. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ جسٽس عمر عطابنديال ۽ جسٽس اعجازالحسن تي مشتمل ٽي رڪني بينچ پاناما پيپرز ڪيس ۾ نااهلي بعد نوازشريف کي ڪنهن به پارٽي جي عهدي رکڻ کان به نااهل قرار ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس ثاقب نثار پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي فيصلي جي روشني ۾ آرٽيڪل 62، 63 جي تحت نااهل ماڻهو پارٽي سربراهي جي لاءِ به نااهل آهي. ياد رهي سپريم ڪورٽ جي هنن فيصلن ۽ پاناما پيپرز ليڪس دوران قطري شهزادي شيخ حماد بن جاسم بن جبور الٿاني جي ٻن خطن جو تمام گهڻو ذڪر ٿيو هو جن کي شريف خاندان پاران پنهنجي صفائي جي حوالي سان ڪورٽ سڳوري ۾ پيش ڪيو ويو هو پر ڪورٽ سڳوري انهن خطن جي صحت تي سوال اٿاريندي ميان نوازشريف کي سڄي عمر جي لاءِ ڪنهن به عوامي عهدي ۽ پارٽي سربراهي جي لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو هو. نتيجي ۾ نوازشريف کي جيل اماڻيو ويو پر بعد ۾ ڪرندڙ صحت جي بهاني سبب حڪومت سان غيراعلانيل معاهدي جي تحت هن کي ملڪ کان ٻاهر موڪليو ويو جنهن تي اڄ به عمران خان پنهنجي پارٽي تي ۽ پاڻ تي نالان آهي.

عمران خان کي جڏهن آئيني طريقي سان موجوده وزيرِاعظم مان اڳوڻو وزيرِاعظم بڻايو ويو ته ان ڪهاڻي جي پويان به هن هڪ خط جو ذڪر ڪيو ۽ جڏهن بني گالا ڀيڙو ٿيو ته پهريان ڌرڻي هڻڻ جا دڙڪا دهمان، نيوٽرل تي سخت ڪاوڙ ته ان خط جو نوٽيس ڇو ڪونه ورتو ويو جيڪو خط بقول سندس ته ملڪ خلاف هڪ وڏي ۽ گهري سازش هئي. ان خط کي عمران خان آمريڪا جي ڪارستاني ڄاڻائي پيو ۽ چئي پيو ته عالمي اسٽيبلشمنٽ، ملڪي اسٽبيلشمنٽ ساز باز ڪري سندس حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو آهي. پوءِ جڏهن ڪجهه به نه وريو ۽ جواب آيو ته عالمي “مداخلت” جي ڳالهه ٻولهه ضرور ٿي هئي پر سازش جو ثبوت ڪونه مليو آهي ته عمران خان پاران سپريم ڪورٽ جو دروازو کڙڪايو ويو ۽ ڪورٽ سڳوري پنهنجي فيصلي ۾ ان خط جي ثابتي تي سوال اٿاريندي سندس عالمي سازش واري موقف کي رد ڪيو ۽ اتحادي حڪومت جي جوڙجڪ کي عين آئيني قرار ڏيندي ان کي ڪم جاري رکڻ جو چئي ڇڏيو. عمران خان هڪ اهڙو سياسي رانديگر آهي جيڪو سياسي بالنگ به خود ڪري ٿو ته بيٽنگ به هن جي هٿ ۾ آهي. اڳ ۾ ئي هو وفاق ۾ جڙندڙ اتحادي حڪومت تي سخت ڪاوڙيل هو ته ٻئي پاسي پنجاب ۾ هن جي وسيم اڪرم پلس کي هٽائي جڏهن حمزه شهباز وڏو وزير بڻيو ته وفاق ۾ ته هن جون ٻه ويون هيون سو پنجاب جو منظر ۽ موڊ مٽجڻ سان هن جون ڇهه به هلي ويون.

هي وري لاهور ڪورٽ هليو ويو جنهن ڪجهه اهڙو فيصلو ڏنو جنهن تي هن جي دل کي اطمينان ڪونه ٿيو ۽ ان کي بنياد بڻائي ساڳئي مسئلي جي حل لاءِ يعني پنهنجي 25 ايم پي ايز پاران پارٽي قيادت جي مرضي خلاف ووٽ ڏيڻ جي لاءِ انهن کي آئين جي آرٽيڪل 63 اي جي تحت نااهل ڪرائڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ پهچي ويو. سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو ته پارٽي ميمبرن پاران پنهنجي قيادت جي مرضي خلاف ووٽ نٿو ڏئي سگهجي. جيڏانهن ڪيڏانهن واهه واهه ٿي وئي ۽ پي ٽي آئي قيادت کي سپريم ڪورٽ جو فيصلو اهڙو ته وڻيو جو اها پنهنجي 20 ايم پي ايز کي ڊي سيٽ  ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ۽ جڏهن انهن ويهن سيٽن تي چونڊون ٿيون ته پي ٽي آئي انهن مان صرف پندرنهن تي ڪاميابي ماڻي سگهي، 5 سيٽون وري به مسلم ليگ نون کڻي وئي پر فيصلي موجب ٻنهي ڌرين کي 22 جولاءِ 2022ع تي پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ عمل کي به بغير ڪنهن سياسي ۽ قانوني رنڊڪ جي مڪمل ڪرائڻو هو. جڏهن اهو مرحلو آيو ته ٻئي ڌريون وڏ وزارت کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پر اعتماد نظر آيون ۽ پي ٽي آئي جي فواد پاران ته وفاقي گهرو وزير رانا ثناالله ۽ عطا تارڙ تي پنجاب ۾ داخل نه ٿيڻ جا خواب به ڏٺا ويا. چوڻي آهي ته بندي جي من ۾ هڪڙي ته رب جي من ۾ ٻي. پنجاب اسمبلي ۾،22 جولاءِ تي اسان ۽ توهان جيڪو منظر ڏٺو اهو يقيني هو ڇاڪاڻ جو چوڌري شجاعت حسين اڳ ۾ ئي عمران خان تي تپيل هو ۽ هن کي هڪ ٻن گڏجاڻين ۽ ڪجهه ماڻهن جي معرفت پيغام به پهچايو ويو ته هو اسٽبلشمنٽ تي هٿ هلڪو رکي پر هن جڏهن چوڌري شجاعت جي شجاعت کي موٽ نه ڏني ته چوڌري ته چوڌري آهي هن به اهو ڪي ڪيو جو سڀني جون وايون بتال ويون. چوڻ وارا چون ٿا ته هن سڄي سياسي ناٽڪ ۾ آصف علي زرداري جو ڪردار آهي ۽ جتي زرداري صاحب جي تعريف ٿي رهي آهي اتي هن تي پي ٽي آئي سخت ڏمريل آهي ته هن ۾ اهڙو ڪهڙو گر آهي جو راند جو پاسو منٽن ۾ نه سيڪنڊن ۾ بدلجي وڃي ٿو.

ڏٺو وڃي پنجاب جي تازي بحران ۾ ڪمال ان خط جو آهي جنهن کي چوڌري شجاعت حسين پاران پنجاب اسمبلي جي اسپيڪر کي لکيو ويو جيڪو سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي جو چٽو پٽو عڪس آهي جنهن تي عمران خان خوش ٿيو هو ته، “پارٽي سربراهه جي مرضي خلاف ووٽ نٿو ڪري سگهجي.” پر هي پاڪستان آهي هتي اسان صرف پنهنجي مرضي جا نتيجا چاهيندا آهيون جڏهن اهي نه ايندا آهن ته اسان کي انهن ۾ ڌانڌلي، پيسن جي نوازش، بدعنواني جو ڪردار ۽ بي اصولي جي سياست نظر ايندي آهي. اسان جي ملڪ جا سياستدان رب جي اها مخلوق آهن جن پنهنجي خلاف ئي کڏون کوٽيون آهن. اسان هي ڏٺو به آهي ۽ ڏسئون به پيا ٿا ته انهن کڏن ۾ اهي خود ئي نه صرف ڪريا آهن پر خوار خراب به سٺا ٿيا آهن. اسان جي سياستدانن ئي ملڪ جي سياست جو ٻيڙو ٻوڙيو آهي. اڳ ۾ هي اسٽيبلشمنٽ کي هي چئي سول حڪومتن کي گهر ڀيڙو ڪرائيندا هئا ته ملڪ اصل هٿن مان پيو وڃي. سندن ان عمل جا  نتيجا اسان سڀ ڏسي چڪاسين. هاڻي هي هر پارلياماني معاملي کي ڪڏهن نيب ته ڪڏهن ڪورٽن ۾ کڻي وڃن ٿا. خوش نه ڪلهه هئا نه هاڻي آهن ۽ نه سڀاڻي ٿيندا. ملڪي، سياسي، معاشي ۽ آئيني مسئلن کي حل ڪرڻ جو جيڪڏهن صحيح ۽ جٽاءُدار فورم آهي ته اها پارليامنٽ ئي آهي بهتر هي آهي ته هنن سڀني مسئلن تي اتي بحث ڪيو وڃي ۽ پائيدار فيصلا ڪيا وڃن باقي پاڪستاني سياست ۾ نه قطري خط نوازشريف جي مدد ڪري سگهيو نه عمران جي پاران پيش ڪيل سازشي خط ڪنهن کي نظر آيو پر جيڪڏهن ڪو خط نظر آيو آهي ۽ ان پنهنجو ڀرپور اثر به ڏيکاريو آهي ته اهو چوڌري شجاعت وارو خط ئي آهي جنهن پرويز الاهي کي پني جي جهاز وانگي پرواز ڪري شهباز جي پٽ حمزه کي پنجاب جو شهباز بڻائي ڇڏيو. هاڻي معاملا وري ڪورٽن ۾ آهن سو غالب چواڻي ته “ٿئي ٿو صبح شام تماشو منهنجي آڏو” لڳي ٿو ته معاملو حل نه پر اڃان به لٽڪيل ئي آهي.