حيدرآباد دکن(م ڊ) ڀارت جي دفاعي اداري  ڊفينس ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ ليبارٽري ۾ ڪم ڪندڙ انجنيئر مليڪ ارجن ريڊي کي پاڪستاني جاسوس عورت کي حساس معلومات فراهم ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب ان انجنيئر کي شادي ۽ محبت جو ڏٽو ڏئي عورت پنهنجي ڄار ۾ ڦاسايو ۽ ڀارت جي ميزائل پروگرام بابت راز فاش ڪرڻ تي مجبور ڪيو.  ساڻس ان عورت مارچ 2020ع ۾ رابطو ڪيو جنهن پنهنجو نالو نتاشا رائو ٻڌايو ۽ برطانيا ۾ رهندڙ ٻڌايائين هن اهو به ٻڌايو ته سندس والد ڀارت جي ايئرفورس ۾ هو جيڪو بعد ۾ برطانيا هليو ويو. کائنس ڀارت جي ايٽمي صلاحيت وارن بين البراعظمي بيلسٽڪ ميزائل ۽ آبدوز تان مار ڪندڙ ميزائلن بابت معلومات ورتي وئي جوابدار اعتراف ڪيو آهي ۽ کائنس جاچ جاري آهي.