پاڪستاني اداڪار پاران به سشانت وانگر خودڪشي جي ڌمڪي

0
362

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪار قاسم خان به سشانت وانگر خودڪشي جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي. تفصيل موجب اداڪار قاسم خان انسٽاگرام تي ڊپريشن ۾ مبتلا هجڻ جو انڪشاف ڪيو آهي هن هڪ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو آهي ته اداسي مون تي حاوي ٿي چڪي،ڇونه سشانت وانگر ڦاهوکايان.واضح رهي ته اداڪارا مشال خان به قاسم خان سان لاڳاپن جو اشارو ڏئي چڪي آهي ڪجهه ڏينهن اڳ هن قاسم خان گڏ نڪتل تصويرون شيئر ڪيون هيون هڪ تصوير ۾ هو هٿ ۾ پاتل منڊي پڻ ڏيکاري رهي هئي پر تنهن هوندي به ٻنهي پاران مڱڻي جي تصديق نه ڪئي وئي آهي.