ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا سجل علي ننڍي کنڊ جي ورهاڱي تي ٺهيل سيريز ۾ قائداعظم جي ڀيڻ فاطمه جناح جو ڪردار ادا ڪيو آهي. سن 1947 جي ورهاڱي واري موضوع تي ٺهيل سيريز ۾ پاڪستاني اداڪارا سجل علي، سميا ممتاز ۽ سُندس فرحان، فاطمه جناح جي زندگي جي مختلف دورن جي بنيادن تي ان جو ڪردار ادا ڪنديون نظر اينديون. فاطمه جناح ۽ ورهاڱي جي حوالي سان ٺهندڙ تاريخي سيريز جو ليکڪ ۽ ڊائريڪٽر دانيال ڪي افضل آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي دانيال ڪي افضل چيو ته سيريز جو تعرفي ٽيزر 14 آگسٽ تي ڏيکاريو ويندو، ان ۾ هڪ منظر بمبئي جي حوالي سان، ٻيو منظر مهاجرن جي اچڻ تي ۽ ٽيون وري فاطمه جناح جي اليڪشن واري دور تي ٺهيل آهي. هن سيريز ۾ وائرل ٿيل ”پارٽي هو رهي هي“ چوندڙ دنانير مبين کي بمبئي جي صحافڻ ڪري ڏيکاريو ويو آهي.