ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي خوبصورت ۽ مشهور اداڪارا سجل علي ٻئي ملڪ ۾ گهر ٺاهڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي. ويجهڙ ۾ دبئي ۾ نعقد ايوارڊ شو فلم فيئر مڊل ايسٽ اچيورز نائٽ ۾ مختلف ملڪن جي فنڪارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ايوارڊ شو ۾ سجل علي کان پاڪستان کان سواءِ ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ گهر ٺاهڻ جي حوالي سان سوال ڪيو ويو ته هن جواب ڏنو ته هندستان ۾ ڇو نٿو ٿي سگهي؟ ڀارت ۾ به ٿي سگهي ٿو ۽ دبئي ۾ به. هن چيو ته هي هڪ اهڙي تقريب آهي جتي اسان کي موقعو ملندو آهي ته اسان باليووڊ فنڪارن سان ملاقات ڪريون، جيئن جهانوي ڪپور، گووندا سر ۽ رنوير سنگهه هتي موجود آهن.