ڪراچي(م ڊ) پي ٽي آءِ خلاف اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۾ جن ماڻهن  کي پرڏيهي شهري لکيو ويو آهي انهن جو موقف به سامهون اچي ويو آهي، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين پرڏيهي هجڻ جو الزام رد ڪندي چيو آهي ته اسان پاڪستاني آهيون فيصلو کل جوڳو آهي. ان سلسلي ۾ برطانيا ۾ رهندڙ بينش فريدي پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو ته آئون پاڪستاني آهيان مون کي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۾ غيرملڪي لکيو ويو آهي، مون پي ٽي آءِ جي اليڪشن مهم لاءِ ئي پئسا ڏنا هئا. ٻئي طرف فروٽ ڪمپني جي مالڪ شعيب احمد بسرا چيو ته منهنجي فروٽ ڪمپني سرگوڌا ۾ واقع آهي ان مان رقم فراهم ڪئي هئي. ٻئي فنڊ فراهم ڪندڙ آصف خان چيو ته مون 100 ڊالر پنهنجي کيسي مان 2013ع ۾ ڏنا هئا منهنجي پراڻي ڪمپني جو نالو به هن فيصلي ۾ موجود آهي.