پاڪستانين نيوزيلينڊ کي به بدلو وٺڻ سيکاري ڇڏيو، نيوزيلينڊ لاءِ وري سيڪيورٽي پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ميچ کان اڳ سوشل ميڊيا تي تبصرا

0
193
پاڪستانين نيوزيلينڊ کي به بدلو وٺڻ سيکاري ڇڏيو، نيوزيلينڊ لاءِ وري سيڪيورٽي پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ميچ کان اڳ سوشل ميڊيا تي تبصرا

 ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ميچ کان اڳ سوشل ميڊيا تي تبصرن جو سلسلو جاري رهيو، ان کان اڳ انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جي ميچ تي به دلچسپ پوسٽون شيئر ڪيون ويون، سيمي فائنل ۾ انگلينڊ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم انگلينٽ کي شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.

پهرئين سيمي فائنل ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم ا نگلينڊ کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي ابو ظهبي ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ انگلينڊ جي ٽيم دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪئي ۽ 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 166 رنسون ٺاهيون. معين علي 51 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته ڊيوڊ ملان 41، جوز بٽلر 29، ليونگسٽن 17، بيئراسٽو 13، ڪپتان مورگن 4 رنسون ٺاهيون.نيوزيلينڊ طرفان ٽم سائوٿي، ايڊم ملني، اش سوڌي ۽ جيمز نيشم هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

جواب ۾ ڪيوي ٽيم گهربل هدف 19 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. نيوزيلينڊ طرفان ڊيرل مچل 73 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته ڊيون ڪونوي 46 ۽ جيمز نيشم 26 رنسن سان اڳڀرا رهيا. انگلينڊ طرفان ووڪس، ليونگسٽن 2-2، جڏهن ته عادل رشيد هڪ وڪيٽ ورتي. نيوزيلينڊ پهريون ڀيرو فائنل ۾ پهتي. سوشل ميڊيا تي صارفين نيوزيلينڊ جي فتح تي ڪيترائي ميمز شيئر ڪيا، هڪ صارف ورلڊ ڪپ فائنل جي تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ انگلينڊ کي نيوزيلينڊ ورلڊ ڪپ کان پري ڪري رهي آهي.

هڪ صارف نيوزيلينڊ ٽيم جي تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته  ميچ جي شروعات ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم روئي رهي آهي ۽ آخر ۾ کلي رهي آهي.صارفين نيوزيلينڊ جي فتح کي 2019ع جي ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ هٿان شڪست جو بدلو قرار ڏنو، صارفين لکيو ته زندگي ڪڏهن به رخ بدلائي سگهي ٿي، هڪ صارف 2019ع ورلڊ ڪپ فائنل جو حوالو ڏيندي لکيو ته هن ڀيري سپر اوور نه ٿيندي، قاضي بلال لکيو ته پاڪستانين نيوزيلينڊ کي به بدلو وٺڻ سيکاري ڇڏيو آهي، پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ميچ کان اڳ به جتي پاڪستاني ٽيم لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ويو اتي دلچسپ تبصرا به شيئر ڪيا ويا. هڪ صارف لکيو ته نيوزيلينڊ لاءِ وري سيڪيورٽي جو مسئلو سامهون اچي ويو.