واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير مسعود خان چيو آهي ته آمريڪا ۾ پاڪستاني برآمدن ۾ واڌ ٿي آهي ۽ برآمدن جو ڪاٿو 9 ارب ڊالر ٿي ويو آهي. پاڪستاني سفير مسعود خان چيو آهي ته پاڪستاني برآمدن ۾ ساليانو 35 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، گذريل سال آمريڪا لاءِ پاڪستاني برآمدون 7 ارب ڊالر هيون، جيڪي وڌي 9 ارب ڊالر ٿي ويون آهن. هن چيو ته 9 ارب ڊالرن جي پاڪستاني برآمدن ۾ شين جو واپار 6.8 ارب ڊالر رهيو، جڏهن ته آءِ ٽي سميت سروسز جون برآمدون 2.2 ارب ڊالر رهيون، پاڪستان مان 1.4 ارب ڊالرن جون آءِ ٽي شيون آمريڪا برآمد ڪيون ويون. هن چيو ته 22-2021 ۾ آمريڪا مان درآمدون 3 ارب رهيون، جيڪي گذريل سال 2.4 ارب ڊالر هيون، ائين پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڪُل واپاري ڪاٿو وڌي 12 ارب ڊالر ٿي ويو آهي، جيڪو گذريل سال تقريبن ساڍا 9 ارب ڊالر هو. مسعود خان چيو ته برآمدن ۾ 35 سيڪڙو سالياني واڌ جاري رهي ته ايندڙ ٽن سالن ۾ پاڪ-آمريڪا واپاري ڪاٿو 20 ارب ڊالرن تائين پهچي ويندو، گذريل هڪ سال ۾ پاڪستان جي ٽيڪنالاجي اسٽارٽ اپس 800 ملين ڊالر ڪمايا، ان مان 60 سيڪڙو کي آمريڪي وينچر ڪيپيٽل ڪمپنين طرفان فنڊنگ فراهم ڪئي وئي.