پاپ گلوڪار علي عظمت پاران ميڊم نورجهان تي تنقيد

0
207

لاهور (شوبز نيوز) پاڪستان جي پاپ گلوڪار علي عظمت ميڊم نورجهان جي شخصيت تي تنقيد ڪئي آهي.تازو ئي پاڪستان جي پاپ گلوڪار علي عظمت احمد پنسوٽا شو ۾ شريڪ ٿيو ۽ ان دوران پاڪستاني ميوزڪ ۽ آرٽس سميت بين الاقوامي سطح تي تسليم ٿيل ميوزڪ ليجنڊ ملڪاءِ ترنم نورجهان بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.

شو دوران علي عظمت سالن کان مٽجندڙ پاڪستان ميوزڪ انڊسٽري بابت ڳالهائيندي چيو ته منهنجي ننڍپڻ ۾ نورجهان ساڙهي سان گڏ وڏا وڏا ايئررنگ ”والا“ پائي ۽ گهڻو ميڪ اپ ڪري گيت ڳائيندي هئي، ان وقت اسان کي ان تي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي هئي.علي عظمت چيو ته نورجهان ان وقت پيرسن عمر ۾ هئي ۽ اسان سمجهندا هئاسين ته انکي ڏسڻ اسان جي لاءِ ضروري ناهي.هن چيو ته اِهو اُهو وقت هو جڏهن اسان ٻين جي ثقافت کي قبول ڪيو ۽ پوءِ اهو معمول بڻجي ويو.