پيارو اسٽيشن (ن پ ا) پاٽ شريف ۾ سيتاسرجڻهارفورم پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. هڪ سال کان سيتاروڊ جي سرڪاري لائبريري لاءِ هلندڙ جدوجهد جي سلسلي ۾ فورم جي باني مشهورميمڻ جي اڳواڻي ۾ ايس او پيز تحت لطيفي مسجد کان ميمڻ چونڪ پاٽ شريف تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. مشھور ميمڻ، تنوير پاٽائي، مختيار برهماڻي، سرمد وفا چانڊيو، مجيب،زيشان برهماڻي، امان الله ميمڻ، اويس چيو ته لائبريريون پورهيت عوام جي اولاد لاءِ ترقي جون منزلون ماڻڻ جو ذريعو هجن ٿيون، پورهيت عوام وسيلا نه هجڻ ڪري اولاد کي سٺن ادارن ۾ نٿو پڙهائي سگهي، انڪري لائبريريون غريب شاگردن جي ذهني فڪري آبياري ڪري اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪن ٿيون، هن چيو ته بنا دير سيتاروڊ ۾ لائبريري قائم ڪري شاگردن مان بي چيني دور ڪئي وڃي.