برمنگهم (اسپورٽس نيوز) پان وڪرو ڪندڙ ڀارتي نوجوان ڪامن ويلٿ گيمز جو ميڊلسٽ بڻجي ويو. سنڪت سرگر ويٽ لفٽنگ جي 55 ڪلوگرام ڪيٽيگري ۾ چاندي جو ميڊل کٽيو. سنڪت سرگر چار ورهيه اڳ مهارشٽرا جي علائقي سنگلي ۾ پان وڪرو ڪندو هو.  ان حوالي سان سنڪت جو چوڻ آهي ته چار سال اڳ مقابلن ۾ ڀارتي لفٽرز کي ڏسي اهو پهه ڪيو هو ته يندڙ مقابلن ۾ مونکي به ملڪ جي نمائندگي ڪرڻي آهي. ميڊلسٽ سنڪت سرگر جي پيءُ اڄ به پان جو دوڪان هلائي رهيو آهي.