لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي اڳوڻي فاسٽ بالر عاقب جاويد چيو آهي ته ڀارت وٽ جسپريت بمراه کان سواءِ بولنگ جو امپيڪٽ نه آهي هنن جي بولنگ ۾ شاهين آفريدي ۽ حارث رئوف جهڙي امپيڪٽ نه آهي جيڪو تمام ضروري هوندو آهي، هنن جي بالنگ هاڻي عام ميڊيم پيس آهي صرف هارديڪ پانڊيا اهڙو رانديگر آهي جيڪو ڪنهن به وقت گيم تبديل ڪري سگهي ٿو. عاقب جاويد چيو ته پاڪستان جا شاهين، حارث ۽ نسيم فٽ هجن ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ انهن جهڙا بالر ڪنهن وٽ به نه آهن، ڀارت وٽ امپيڪٽ وارا بالر نه آهن.