اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ڪيس جي ٻڌڻي  ٿي، عدالت رمارڪس ڏنا ته جاچ ادارن جي موجودگي ۾ سپريم ڪورٽ پاناما ڪيس جي جاچ ڪيئن ٿي ڪرائي سگهي؟ پاناما پيپرز ۾ 436 پاڪستانين خلاف جاچ لاءِ جماعت اسلامي جي درخواست تي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، جماعت اسلامي جي وڪيل پاران پاناما ڪيس ۾ 436 پاڪستانين خلاف جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي استدعا ڪئي وئي، عدالت چيو ته آف شور ڪمپني ٺاهڻ ڪو ڏوهه نه آهي، ڏسڻو اهو آهي ته اها ڪمپني ٺاهي ڪيئن وئي، 436 ماڻهن خلاف ائين آرڊر جاري ڪرڻ انصاف جي خلاف هوندو، جسٽس طارق مسعود رمارڪس ۾ چيو ته توهان کي 7 سالن کانپوءِ ياد آيو آهي ته هي عوامي مفاد جو معاملو آهي، ان وقت ڇا رڳو هڪ ئي خاندان جي خلاف پاناما ڪيس هلائڻ هو؟ اُن وقت سڀني خلاف گڏائي ڪيس ٻڌڻ لاءِ ڇو نه چيو ويو؟ جماعت اسلامي 7 سالن دوران ڪنهن اداري آڏو شڪايت ڇو نه ڪئي؟ اهڙو ڇا ٿيو جو 24ٻڌڻين بعد هڪ خاندان کانسواءِ سمورا ڪيسز ڌار ڪيا ويا، ڇا اوهان جو مقصد صرف هڪ خاندان ڪيس هلائڻ هو؟ جسٽس طارق مسعود رمارڪس رمارڪس ڏنا ته بينچ پاڻ 436 ماڻهن خلاف جاچ جو معاملو الڳ ڪري ها ته ٻي ڳالهه هجي ها اوهان هڪ فرد جي نا اهلي لاءِ درخواست داخل ڪئي، ڪجهه چوڻ نٿو چاهيان پر هي هي ڪجهه ٻيو ئي معاملو هو، سپريم ڪورٽ کي استعمال نه ڪريو، جسٽس طارق مسعود چيو ته سمورا ڪم هاڻي سپريم ڪورٽ ئي ڪري؟ 436 ماڻهن کي نوٽيس ڏيڻ کانسواءِ هنن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڪيئن ڏيون؟ انهن 436 ماڻهن ۾ ڪاروباري ماڻهو به هوندا، ڇا توهان انهن کي ڀڄائڻ چاهيو ٿا؟ عدالت جماعت اسلامي جي امير سراج الحق کان جواب طلب ڪيو ته اوهان 7ورهين ۾ پاناما پيپرز ڪيس ۾ نامزد ماڻهن خلاف نيب، ايف آءِ اي، اينٽي ڪرپشن سوڌو ادارن سان رابطو ڇو نه ڪيو؟ ڇا رياستي ادارن کي بند ڪري سمورا ڪم سپريم ڪورٽ کان ڪرائڻا آهن؟ هن معاملي تي عدالت جو ڪلهو استعمال نه ڪيو، عدالت پاران مهيني لاءِ ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي، پاناما ڪيس ۾ 436 پاڪستانين مان رڳو نوازشريف، سندس ڌيءَ مريم نواز ۽ ناٺي صفدر اعواڻ جي نااهلي ٿي هئي جماعت اسلامي کانسواءِ عمران خان به پاناما ڪيس ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.