پاشا آيو، ظهير آيو، فيض آيو، سڀ ويا پر عمران نيازي موجود آهي، ادارن ۾ ويٺل ڪجهه آئنسٽائن فيصلا ڪن ٿا: بلاول ڀٽو

0
288
اسان خلاف سازشون اڄ به جاري آهن: بلاول ڀٽو زرداري
اسان خلاف سازشون اڄ به جاري آهن: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد: پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي آمريت جو بنياد اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري رکيو، سياسي جماعتن خلاف هائبرڊ جنگ ۾ هو به شامل هو، اسان جا ڪجهه اتحادي سندس نالو نه پيا کڻن

پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽  پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته اسان ميثاق جمهوريت ڪيو ته ان وقت جي غير جمهوري طاقتن هائبرڊ جنگ شروع ڪري ڏني، جنرل پاشا، ظهير الاسلام ۽ فيض حميد جو ڪردار توهان جي سامهون آهي

هن جو چوڻ هو ته سڀ هليا ويا پر عمران نيازي موجود آهي، هن ڪرڪيٽر کي سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ وٺي آئي، اسان جي ادارن ۾ ويٺل ڪجهه آئنسٽائن فيصلا ڪن ٿا، اسٽريٽجڪ اثاثا ٺاهين ٿا جيڪي اسان کي ڳچيءَ ۾ پئجي وڃن ٿا

بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته پاڪستان جي عوام تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اهڙو جمهوري ۽ آئيني بحران ڏٺو آهي، عوام مهانگائي ۽ بيروزگاري جو مقابلو ڪري رهيو آهي، ڪجهه اسان جي پنهنجن فيصلن جي ڪري آهي، ماڻهو اڳوڻي نالائق وزيراعظم جي ڪري به مهانگائي ۽ بيروزگاري جو مقابلو ڪري رهيا آهن

هن وڌيڪ چيو ته اسان ميثاق جمهوريت جي بدولت اين ايف سي ايوارڊ ۽ ڪي پي ڪي کي سڃاڻپ ڏني، جيڪو بحران پيدا ٿيو ان جو ذميوار ڪير آهي، جنرل حميد گل ان سليڪٽڊ کي سياست ۾ آندو ۽ جنرل پاشا پروان چڙهايو، پاشا آيو، ظهير آيو، فيض آيو، سڀ هلي ويا پر عمران خان مستقل موجود آهي

هي به پڙهندا

چيف جسٽس جا اختيار رڳو ورهائي رهيا آهيون ختم نه پيا ڪيون: خواجا آصف