نيويارڪ (دلچسپ نيوز) پارڪ ڪيل گاڏي هيٺان اوچتو واڳون نڪري آيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ هڪ شهري گاڏي پارڪ ڪئي. شهري گاڏي مان هيٺ لهي ٿورو ئي اڳتي وڌيو ته هيٺان واڳون نڪري آيو، 10 فوٽ ڊگهو واڳون نڪرڻ سبب شهري پريشان ٿي ويو. اطلاع تي وائلڊ لائيف کاتي جي ٽيم پهچي پوليس جي مدد سان واڳون کي پڪڙي ورتو، هٿ ڪيل واڳون کي ويجهو ايلي گيٽر فارم منتقل ڪيو ويو، واقعي جي دوران واڳون سان ڪنهن به شخص کي نقصان نه پهتو.